لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي تقريرن تي پابندي جو حڪم

لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي لائيو تقريرن تي پابندي جو حڪم ڏيندي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، گهرو کاتي ۽ پيمرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته عدالت الطاف حسين کي وڪيل ذريعي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس مظاهر علي اڪبر جي سربراهي ۾ جسٽس مظهر اقبال سنڌو ۽ جسٽس اِرم سجاد گل تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ۽ رابطه ڪميٽي جي سڪيورٽي ادارن خلاف  درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار ايڊووڪيٽ آفتاب بيرڪ، مقصود اعواڻ ۽ ٻين جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سڪيورٽي ادارن ڳالهائي ادارن کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وڪيلن چيو ته الطاف حسين پنهنجي تقريرن ۾ پرڏيهي ملڪن کي سڌيءَ ريت مداخلت جو چيو، تنهنڪري ان خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس هلايو وڃي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سڪيورٽي ادارن خلاف ڳالهائڻ تي پيمرا الطاف حسين جي لائيو تقريرن تي پابندي لڳائي آهي پر ان حوالي سان واضح نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو. عدالت، الطاف حسين جي لائيو تقريرن تي پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ حڪم تائين الطاف حسين جي لائيو تقريرن تي پابندي  برقرار رکي وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، گهرو کاتي ۽ پيمرا کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت، گهرو کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته الطاف حسين جي پاڪستاني ۽ برطانوي شهريت بابت به ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيل پيش ڪيا وڃن، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ الطاف حسين کي به وڪيل ذريعي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *