لاهور فيڪٽري سانحو، وڌيڪ 6 لاش ڪڍيا ويا، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 35 ٿي ويو

لاهور (بيورو) لاهور فيڪٽري حادثي بعد ڍيرن مان وڌيڪ 6 لاش هٿ ڪيا ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙ پورهيتن جو انگ 35 ٿي ويو،جڏهن ته فوجي جوانن جي مدد سان ريسڪيو آپريشن جاري آهي. 2 ڏينهن اڳ لاهور جي سندر انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ ڪري پيل چار ماڙ فيڪٽري جي ڇت جي ڍيرن هيٺان وڌيڪ 6 لاش ڪڍيا ويا،جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 35 ٿي ويو آهي. هانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ زخمي ٿيل 80 کان وڌيڪ پورهيتن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي. ٻئي پاسي ڊهي پيل فيڪٽريءَ جي ڍيرن هيٺان دٻيل سـَوَ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪ فوج، بحريه ٽائون ۽ ٻين ادارن جي مدد سان امدادي سرگرميون جاري آهن. ريسڪيو آپريشن سي ڊي اي جي 50 رڪني ٽيم پڻ حصو وٺي رهي آهي. ريسڪيو ذريعن موجب، مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان دٻيل ڪيترن ئي ماڻهن جو پتو ناهي پئجي سگهيو،جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *