لاهور: شادي هال جي ڀت ڪري پئي، ڪنوار سميت 5 ڄڻا فوت ، 20 کان وڌيڪ زخمي

لاهور (بيورو) لاهور ۾ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، شاد باغ واري علائقي ۾ ميندي تقريب دوران شادي هال جي ڀـِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي ڪنوار سميت 5 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته گهوٽ سميت 20 کان وڌيڪ زخمي  آهن، گوجرانوالا ۾ به گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. شادباغ واري علائقي ۾ ميندي جي تقريب جاري هئي ته تيز برسات ۽ هوائن سبب شادي هال جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنوار ۽ ٻن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 20 کان زخمي ٿي پيا آهن، جن ۾ گهوٽ به شامل آهي.  واقعي ۾ فوت ٿيل ڪنوار شمائله جو تعلق ڪراچي سان هو، جيڪا پنهنجي گهر وارن ۽ مائٽ سان گڏ چاچي ياسين جي گهر شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاهور آئي هئي. تقريب ۾ ناقص مٽيريل سان تيار ٿيل شادي هال جي ڀت ڪرڻ سبب  شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. فوتين ۾ ڪنوار شمائله، 2 ٻارڙا علي عامر، نعمان، مووي ٺاهيندڙ عامر ۽ هڪ عورت شامل آهن،  زخمين کي ميو ۽ خواجه سعيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. هوڏانهن گوجرانوالا جي رمضانپور واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *