
اسلام آباد (اي پي پي)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه لاهور سانحي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ لاءِ ان جي سببن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا وڃن، هتي جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، هنن چيو ته اسان سالن کان دهشتگردي جي وڪڙ ۾ آهيون، هن چيو ته دهشتگردن جي سفاڪي ۽ بي رحمي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن معصوم ٻارن جي جان وٺڻ کان به پاسو نه ڪيو، هن ڌماڪي ۾ اجل جو شڪار ماڻهن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ گهرجي.