لاهور جي تڪ اين اي 122 تي صاف شفاف چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي ڪاميابي ماڻيندي:بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لاهور جي  تڪ اين اي 122 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف ۽ نوازليگ جا اميدوارپنهنجي دولت لٽائي رهيا آهن ۽ اهي چونڊ مهم ۾ اليڪشن ڪميشن  پاران خرچن جي مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ خرچ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ان خلاف قدم نه کنيو ته اها ننڍي چونڊ مذاق بڻجي ويندي. ياد رهي ته انهي تڪ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار بئريسٽرعامر حسن اڳ ئي اليڪشن ڪميشن کي شڪايت ڪري چڪو آهي ته سندس مخالف اميدوار نوازليگ جو اياز صادق ۽ پي ٽي آئي جو عليم خان پنهنجي چونڊ مهم دوران اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل خرچن جي حد کان ٻيڻو چئوڻو خرچ ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي ٻنهي مخالفن انهيءَ ننڍي چونڊ کي ارب پتين جي راند بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ووٽرن کي خاموش تماشائي بڻايو ويو آهي،جڏهن ته اهي ارب پتي وڏي پئماني تي دولت لٽائي اها اليڪشن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته پارٽي صاف طريقي جي اهڙي ڌانڌلي جي اجازت نه ڏيندي جنهن ۾ ناجائز طور حاصل ڪيل ناڻو استعمال ڪري ووٽرن کي متوجا ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلزپارٽي ئي ملڪ ۾ هڪ فرد- هڪ ووٽ جي پاليسي متعارف ڪرائي هئي. بلاول ڀٽو چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي ته اها نه رڳو نواز ليگ ۽ پي ٽي آئي جي اميدوارن جي اهڙن خرچن کي روڪي ها پر انهن خلاف اليڪشن جي ضابطا اخلاق تحت ڪارروائي ڪري ها ته جيئن انهي رجحان کي روڪي سگھجي ۽ سڀني اميدوارن کي مقرر ڪيل حد تائين خرچ ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور پاڪستان پيپلزپارٽي جي جنم جو شهر آهي جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ناڻو استعمال ٿيڻ کي روڪي انهي تڪ تي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جون پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار بئريسٽر عامر حسن ضرور ڪامياب ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *