لاهور: آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملي جي ذميواري آمريڪي شهري قبولي ورتي

واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري 2009ع ۾ لاهور ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي مددڪرڻ جو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي، پورٽ لينڊ ۾ قائم آمريڪي اٽارني جنرل جي آفيس طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته 51 سالن جو رياض قادر خان جاچ دوران قبول ڪيو آهي ته هن لاهور ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي هٿيار ۽ مالي مدد مهيا ڪئي هئي حملي ۾ آءِ ايس آءِ جي ملازمن سميت 30 ماڻهو قتل ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي هئا جڏهن ته رياض قادر سان رابطي ۾ اهم حملي آور ابو جليل ان خودڪش حملي ۾ مارجي ويو هو رياض قادر اين اي ڊي مان گريجوئيشن ۽ آمريڪي يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي آهي هو پورٽ لينڊ ۾ پاڻي کي صاف ڪرڻ واري پلانٽ تي ڪم ڪندو رهيو آهي عدالت جي دستاويزن مطابق قادر خان ابوجليل ۽ ٻين ماڻهن کي جن 27 مئي 2009ع تي لاهور ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس تي هڪ ٽرڪ ذريعي حملو ڪيو هو لاءِ وڏي رقم موڪلي هئي حملي کانپوءِ القاعده طرفان ابو جليل جي بيان کي وڊيو ذريعي جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ هن ذميواري قبول ڪئي هئي، وڊيو ۾ ابوجليل کي فاٽا جي علائقي ۾ حملي ڪرڻ جي تياري ڪندي ڏيکاريو ويو هو رياض قادر اي ميل ۽ ٻين ذريعن سان جليل سان رابطي ۾ ۽ ان کي ۽ سندس خاندان کي رقم مهيا ڪئي هئي جڏهن ته پاڪستان ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ابوجليل کي تفصيل پڻ مهيا ڪيا هئا حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي مدد ڪرڻ تي قادر خان کي 87 مهينن جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي ۽ سزا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان کي پاڪستان ڏي بي دخل ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *