لانڍي ۾ مقابلو، 2 رينجرز اهلڪار شهيد، ناظم آباد ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ جوابدارن سان مقابلي دوران 2 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، رينجرز اختيارين مطابق پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي لانڍي واري علائقيخرم آباد جو گهيرو ڪري ڪارروائي ڪئي وئي جوابدارن رينجرز کي ڏسي انڌا ڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ رينجرز جا 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا اسپتال ذريعن مطابق زخمي حالت ۾ آندل ٻئي رينجرز جوان مارجي وي، علائقي واسين ۽ اکين ڏٺن شاهدن مطابق 6 کان 7 جوابدار رينجرز تي فائرنگ ڪري رهيا هئا رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن علائقي جي ناڪه بند ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي وياڪراچي  جي  ناظم آباد واري علائقي ۾ دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. ناظم آباد جي گول مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر سلمان ۽ اسد مارجي ويا، جڏهن ته اِڪرام ڪنڌ ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. پوليس ٻنهي نوجوانن جي لاشن ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. ذريعن موجب، ڀتي جي اوڳاڙي وايري معاملي تان هٿياربندن 2 ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *