لائسنس فيس ۽ رهتون نه ڏيندڙ بجلي پيدا ڪندڙ 5 ڪمپنيون بليڪ لسٽ

اسلام آباد (بيورو) نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) لائسنس في ۽ ٻيون رهتون نه ڏيڻ تي بجلي جي 5 پيداواري ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، نيپرا جي اختيارين مطابق گرين اليڪٽرڪ، ايسٽرن پاور، عريبين سي ونڊ انرجي، سونڪ ونڊ پاور جنريشن ۽ فرسٽ ٽرائي اسٽار مضاربا بليڪ لسٽ ڪيل ڪمپنين ۾ شامل آهن. نيپرا مطابق انهن 5 ئي ڪمپنين کي اٽڪل 2 ڪروڙ 6 لک رپيا نه پيارڻ تي بليڪ لسٽ ڪيو ويو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر اسلام آباد باقيدار ڪمپنين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪوبه ماڻهو باقيدار ڪمپينن جي اڪائونٽن ۾ رقم جمع نه ڪرائي ۽ باقيدار ڪمپنين جا واهپيدار نيپرا جي اڪائونٽ ۾ رقم جمع ڪرائين. بليڪ لسٽ ڪيل ڪمپنين ۾ 4 سنڌ ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ وارين رٿائن تي ڪم ڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *