
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق چوڌري شجاعت ۽ مونس الاهي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومتي معاملا اتفاق سان اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار نعيم الحق مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين ۽ مونس الاهي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چوڌري سالڪ، ڪامل علي آغا ۽ بائو رضوان به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب کانپوءِ مرڪز ۾ به اقتدار جي ڀائيواري تي ڳالهيون ٿيون ۽ حڪومتي معاملا اتفاق سان اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پنجاب کانپوءِ مرڪز ۾ اقتدار جي ڀائيواري جي ٺاهه تي عمل ٿيندو. وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق خاطري ڪرائي ته مرڪز ۾ مسلم ليگ سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا.