ق ليگ قيادت وزير اعظم جي مانجهاندي جي دعوت ۾ شرڪت نه ڪئي

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ قاف، وزيراعظم نواز شريف جي مانجهاندي واري دعوت ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏي،چوڌري شجاعت جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس يا اجلاس هجي ها ته هــُو ضرور شرڪت ڪن ها، پر ماني کائڻ نه ويندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ اڃا به مفاهمت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت سينيٽ چيئرمين لاءِ رضا رباني جي نالي کي تسليم ڪري. واضح رهي ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم نواز شريف اڄ سمورين پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن کي مانجهاندي تي گهــُرائي ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *