قوم ڪرپشن ۽ غربت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي، مايوس نه ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکيا فيصلا قوم ۽ ملڪ جي وسيع مفاد ۾ ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن ۽ ترقي جو سفر گڏ نه ٿو هلي سگهي.  وزيراعظم عمران خان سان سندس پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آئيني، قانوني ۽ سياسي معاملن تي مشورا ڪيا ويا.  ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته قومي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جو عمل پٽڙي تان نه لهندو. هن چيو ته پاڪستان تيزيءَ سان معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، قوم ڪرپشن ۽ غربت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي، مايوس نه ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڏکيا فيصلا قوم ۽ ملڪ جي وسيع مفاد ۾ ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن ۽ ترقي جو سفر گڏ نه ٿو هلي سگهي. بابر اعواڻ چيو ته قوم حڪومتي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، قومي ترقي لاءِ ادارن جي مضبوطي ۽ نئين سر تنظيم سازي ضروري آهي. هن چيو ته  ڪرپشن جا مرڪزي ڪردار هڪ هڪ ڪري وائکا ٿي چڪا آهن، احتساب جو عمل بنا فرق جي جاري آهي، ڦرلٽ ڪندڙن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *