قوم کي اهڙي ليڊر جي ضرورت آهي جنهن جو قبلو واشنگٽن نه هجي، خانا قعبا هجي: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته متحده مجلس عمل مشاورتي عمل مان لنگهي رهي آهي اتحاد ۾ شامل سموريون جماعتون هڪ ئي چونڊ نشان تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿيون، صوبي ۾ پي ٽي آءِ سان 13 نقاطي ايجنڊا تحت حڪومت ۾ شامل آهيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ايم ايم اي جو ايندڙ مشاورتي اجلاس لاهور ۾ ٿيندو، مولانا سميع الحق لاءِ جرڳو ويندو، فاٽا بابت اهو ئي فيصلو آهي جيڪو قبائل جو فيصلو آهي، سراج الحق چيو ته مسلمانن جو پهريون قعبو اسلامي ملڪن جي قيادت جو رستو ڏسي رهيو آهي، ڪنهن سياسي ليڊر مسجد اقصيٰ تي قبضي جي خلاف ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي، اسان جي سياستدانن جو مقصد صرف پنهنجي ذات جا مفاد حاصل ڪرڻ آهي، مسجد اقصيٰ جو وڏو مسئلو آمريڪا ۽اسرائيل نه آهي، مسلمان حڪمران آهن، قوم کي اهڙي ليڊر جي ضرورت آهي جنهن جو قبلو واشنگٽن نه هجي، خانا قعبا هجي، هن چيو ته موجوده سياسي قيادت قوم کي منتشر ڪيو، ڪنهن سياسي ليڊر جو پٽ ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ نٿو پڙهي، اهي ماڻهو علاج لاءِ ٻاهر وڃن ۽ رڳو حڪمراني ڪرڻ لاءِ پاڪستان اچن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *