قوم چيف جسٽس کي ڊگهي عرصي تائين ياد رکندي، ريلوي کي خساري مان ڪڍنداسين: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو  آهي ته چيف جسٽس ثاقب نثار کي قوم ڊگهي عرصي تائين ياد رکندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ريلوي خساري بابت ٻڌڻي دوران ريلوي وارو وزير شيخ رشيد پيش ٿيو. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ايندڙ حڪم تائين ريلوي جي ايراضي ليز يا هائوسنگ سوسائٽيون قائم ڪرڻ لاءِ نه ڏني ويندي، ريلوي ايراضي ڪنهن اداري نه پر وفاقي سرڪار جي ملڪيت آهي.  عدالت چڪوال سميت ٻين هنڌن تي ريلوي جي زمين تان حددخليون هٽائڻ ۽ رائل پام ڪلب جي مالڪن کي به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 27 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ريلوي ايراضي ڪيس ۾ عدالت 27 ڊسمبر تي سڀني ڌرين کي طلب ڪيو آهي، ريلوي جي ايراضي تان قبضا ختم ڪرائينداسين جيڪو ٻيهر نفعو ڏيندڙ ادارو بڻجي ويندو. هن چيو ته چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جا ٻيا جج ريلوي جو معائنو ڪرڻ ايندا جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. شيخ رشيد چيو ته ريلوي کي خساري مان ڪڍنداسين، قوم چيف جسٽس کي ڊگهي عرصي تائين ياد رکندي. هن چيو ته ريلوي ۾ گهڻي ڪرپشن ٿي آهي، 42، 42 ڪروڙ رپين جون لوڪو موٽيو انجڻيون خريد ڪيون ويون، مني لانڊرنگ بابت ٻڌو آهي ته فريال ٽالپر جي نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ غير ظاهر ٿيل ملڪيت نڪتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *