قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته ڪرپشن ڪيس ۽ سوموٽو ايڪشن افتخار چوڌري جا ئي شوق هئا: قمرزمان ڪائره

گوجر خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي سڌسماءَ جي وزير قمرزمان ڪائره چيو آهي ته قوم معلوم ڪرڻ گهري ٿي ته ڇا ڪرپشن ڪيس ۽ سوموٽو ايڪشن افتخار چوڌري جا ئي شوق هئا عدالتي ٽرائيل سان گڏ اسان جو ميڊيا ٽرائيل به ٿيندو رهيو ڌانڌلي جو ڄاڻيندي به فقط جمهوري عمل جي سلسلي ۾ نتيجا قبول ڪيا اسان جي دور ۾ ٽي وي چئنلن جي بريڪنگ نيوز عدالت جي ڪمري مان هلندي هئي ميڊيا کي پنهنجي لاءِ ضابطئه اخلاق خود جوڙڻو پوندو اهڙن خيالن جو اظهار قمرزمان ڪائره گذريل ڏينهن رينجنل يونين آف جرنسلٽس گوجر خان جي وفد سان هڪ خصوصي نشست دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو وفد جي قيادت يونين جو صدر راجا ارشد ڪري رهيو هو ان موقعي تي وفاقي سيڪريٽري انفارميشن محمد اعظم ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو صدر افضل بٽ ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *