قوم سوالن جا جواب گهري رهي آهي، وزير اعظم ۽ سندس اولاد کي حساب ڏيڻو پوندو: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد نوازشريف وٽ هاڻ حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه اخلاقي جواز ناهي رهيو هو جيستائين پانامه ليڪس معاملي تي قوم کي سچ نه ٻڌائيندو اوستائين مسئلن جي دلدل ۾ ڦاسندو رهندو هن چيو ته حڪومت شريف خاندان جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ عوامي ٽيڪس جي پئسي جو غير قانوني طور استعمال ڪري رهي آهي هن چيو ته نيب کي حڪومت طرفان ٽيڪس جي پئسن کي شريف فئملي جي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪرڻ جو ايڪشن وٺڻ گهرجي هن اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل ٽوئٽ پيغام ۾ ڪيو عمران خان چيو ته پانامه ليڪس جي حوالي سان حڪمران قوم سان ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن حڪمران شوڪت خانم جي حوالي سان به ڪوڙ ڳالهايو شوڪت خانم جا سمورا فنڊ واپس اچي چڪا هئا هن چيو ته پانامه ليڪس ۾ وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس اولاد جا نالا آيا آهن. ان لاءِ کيس ٻڌائڻو پوندو ته قوم جو پئسو پرڏيهي ملڪن ۾ ڪيئن ويو. هن چيو ته ميفيئرز جا 4 فليٽ ڪٿان آيا ۽ حسن نواز ساڍا 600 ڪروڙ رپين جو فليٽ وڪرو ڪيو ته اها رقم سندس وٽ ڪٿان آئي جيڪڏهن وزيراعظم چاهي ته هن سوالن جو جواب پنجن منٽن ۾ ڏيئي سگهجي ٿو پر معاملي کي اينگهايو پيو وڃي عمران خان چيو ته پانامه ليڪس ۾ نالو اچڻ کان پوءِ وزيراعظم نوازشريف وٽ حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه اخلاقي جواز ناهي رهيو هن چيو ته ٽيڪس چوري ڪرپشن ۽ اليڪشن ڪميشن سان گڏ فراڊ ڪرڻ جي حوالي سان تمام شاهد آڏو اچي چڪا آهن ۽ ان شاهدن جي روشني ۾ پوري قوم ۽ اپوزيشن ان ڳالهه تي متفق آهي ته اسان وزيراعظم کان تمام ڪيل ڪرپشن جو جواب چاهيون ٿا هن چيو ته پانامه ليڪس معاملي تي وزيراعظم نوازشريف قوم سان سچ نه ڳالهائيندو ته وڌيڪ معاملن جي ڄار ۾ ڦاسي پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *