قوم دهشتگرديءَ جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف قومي اتحاد مثالي آهي، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مسقتل نمائندي مليحا لوڌي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته قوم دهشتگرديءَ جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ايڪشن پلان کي سمورين سياسي پارٽين توڙي سول سوسائٽي جي ڀرپور حمايت حاصل آهي ۽ ان ڏس ۾ قومي اتحاد بي مثال آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ هو ته دهشتگرديءَ خلاف عالمي سطح تي ڪوششون ورتيون وينديون .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *