قوم جي تعمير راند يا تماشو ناهي، حقيقي انقلاب آڻينداسين: نواز شريف

ڪوئٽا(م.ڊ) وزيراعظم نوازشريف معاشي لنگه رٿا جي گوادر “تربت” هوشاب روڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان گوادر ۾ افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ايف ڊبيلو او واڌائين جا حقدار آهن،روڊن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون،ملي ترقي جو سفر تيز ٿي ويندو.سندس چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ بلوچستان جي صورتحال گهڻي بهتر ٿي ويندي.نئون روڊ پاڪ-چين معاشي لنگهه رٿا جو حصو آهي،وزيراعظم وقت سر ڪم ٿيڻ تي ايف ڊبليو او کي ساراهيو.سندس چوڻ هو ته قومي ترقي ڪا راند يا ڪو مذاق ناهي،هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ حقيقي انقلاب آڻيندي ۽ بلوچستان ۾ ترقي وارو ڪم وڏي تيزي سان هلي رهيو آهي ۽ هلندڙ وقت ۾ بلوچستان کي اوتري ئي اهميت ڏني پئي وڃي جيتري ٻين صوبن کي ڏني وڃي ٿي. پشاور کان جلال آباد تائين روڊ ٺاهي رهيا آهيون،جنهن جو فائدو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٿيندو.وزيراعظم نوازشريف چيوته دنيا جو مستقبل هن خطي سان جڙيل آهي.جيتري سيڙپڪاري ڪنداسين،اوتري ئي موٽ ملندي.ڪجهه وقت تائين سنڌ جي پاور هائوسز ۾ مقامي ڪوئلواستعمال ٿيندو.تقريب ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم نوازشريف ملڪي ترقي جو ننڍو جائزو به پيش ڪيو.ان کان اڳ وزيراعظم نوازشريف جڏهن بلوچستان پهتو ته سانس گڏ آرمي چيف جنرل راحيل شريف،بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي،بلوچستان جو وڏو وزير ثناالله زهري،وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار ناصر جنجوعا به هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *