قوم جو هٿياربند فوج تي اعتماد آهي، پاڪ آرمي قوم جي اميدن تي پورو لهندي: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ افغان سرحد جي ٻنهي پاسي ويجها رابطا ۽ بهتر مئنجمينٽ اڻٽر آهي پاڪستاني قوم جي هٿياربند فوج تي اعتماد آهي ۽ اسان انهن جي اميدن تي پورو لهنداسين چيف آف آرمي اسٽاف اڱاري تي فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر بالا حصار پشاور خيبرپختونخواهه جو دورو ڪيو آرمي چيف کي آءِ جي ايف سي پاران فرنٽيئر ڪور جي پيشاوراڻي تيارين، جاري آپريشنز ۾ اڳڀرائي ۽ ايف سي جي صلاحيتن بابت بريفنگ ڏني ويئي ان موقعي تي آفيسرن ۽ جوانن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف خيبر پختونخواهه پاران آمريشن ضرب عضب ۾ بهادري جو مظاهرو ۽ قربانين تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو هن چيو ته ايف سي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مرڪزي ۽ واکاڻ جوڳو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ فوج سان گڏجي دهشتگردي خلاف قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جنگ وڙهي رهي آهي ايف سي جا جوان بهادري ۽ قربانين جا نوان باب رقم ڪري رهيا آهن آرمي چيف چيو ته فوج ۽ ايف سي جي فوجين جو ڀرپور حوصلو آپريشن ضرب عضب لاءِ هڪ پهاڙ آهي هن چيو ته پاڪستاني فوج کي پنهنجي هٿياربند فوج تي يقين آهي ۽ هو ان جو گهڻو احترام ڪري ٿي ۽ فرض نڀائڻ دوران ڏنل قربانين جو اعتراف ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *