قوم ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي معاف نه ڪندي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان ۽ طاهرالقادري جي لنڊن ملاقات جو حال سڀني جي اڳيان آهي، پاڪستان رڪاوٽن باوجود ترقي ڏانهن روانو آهي، قوم ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي معاف نه ڪندي، ڌرڻي وارن جي مقصدن کي عوام ناڪام بڻائي ڇڏيو. وزير اعظم واشنگٽن روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لنڊن پلان بري طرح ناڪام ٿي ويو، عوام آڏو ڌرڻي وارن جو پلان سامهون اچي ويو. هن چيو ته عمران خان ۽ طاهرالقادري جي لنڊن ۾ ملاقات جو حال سڀني جي اڳيان آهي، پاڪستان ترقي ڏانهن گامزن آهي، پاڪستاني عوام ڌرڻائين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان پنهنجي ترقي جا سمورا حدف حاصل ڪندو، پاڪستاني قوم پنهنجي ترقي جي سفر ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ملڪ جي ترقي جي رستي ۾ رنڊڪن جو ذڪر اق عوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪندس اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا وڃڻ جي موقعي تي لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو ته پاڪستان جي خلاف لنڊن ۾ ويهي ڪجهه سياستدانن سازش ڪئي جيڪا بري طرح ناڪام ٿي ويئي آهي لنڊن پلان جا نقطا ۽ ان جو اصل مقصد هاڻي قوم آڏو ظاهر ٿي ويو آهي  ياد رهي ته وزير اعظم گذريل ڏينهن لنڊن پهتو جتي هن طبي معائنو ڪرايو انهي ڏينهن تحريڪ انصاف، پاڪستان عوامي تحريڪ، آل پاڪستان مسلم ليگ ۽ (ق) ليگ جي ڪارڪنن حسين نواز جي رهائشگاهه ٻاهران ۲ ڪلاڪن تائين وزير اعظم نواز شريف خلاف مظاهرو ڪيو ۽ “گو نواز گو” جي سخت نعريبازي ڪئي وئي. وزير اعظم نواز شريف جي آمريڪا آمد تي به مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *