قومپرست ناهيان، پنجاب خلاف نه ن ليگ جي سوچ خلاف ڳالهايو آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اي پي پي) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته هو جنهن پارٽي سان تعلق رکي ٿو اها تعصبي سوچ ۽ تنگ نظري تي يقين نٿي رکي. منهنجي شعور جي پختگي ۾ پنجاب جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جو وڏو ڪردار آهي. مون پنجاب خلاف نه پر نواز ليگ جي مبينه محدود سوچ ۽ فڪر جي باري ۾ ڳالهه ڪئي آهي. جنهن تي پنجاب جو صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله هروڀرو ناراض ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مون جيڪي ڳالهيون ڪيون نواز ليگ جي مبينه محدود سوچ ۽ تنگ نظري متعلق ڪيون آهن. ان تي قائم آهيان، پر اهو چوڻ ته مولابخش چانڊيو قومپرستي ڪري رهيو آهي بلڪل غلط آهي، ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکان ٿو، جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ وفاقي سوچ رکندڙ ۽ وفاق کي مضبوط رکڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪندڙ جماعت آهي. هن چيو ته پنهنجي علائقي يا صوبي جي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه نه آهي. پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف هر وقت پنجاب جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڇا اهو به غلط آهي. مصطفيٰ ڪمال بابت هڪ سوال تي صوبائي صلاحڪار چيو ته جنهن کي عوام چاهي اهو جتي چاهي جلسو ڪري سگهي ٿو ۽ اهو عوام جو فيصلو هوندو. هن چيو ته جتي امن امان جي صورتحال جو مسئلو هوندو ته انتظاميه ضرور تحرڪ ۾ ايندي. ڇو ته عوام جي جان ۽ ملڪيت جو تحفظ ۽ امن امان جو قيام حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *