قومپرستن مهاجر صوبي جي مطالبي کي سنڌين ۽ مهاجرن کي ويڙهائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

سکر(بيورو) سنڌ جي قومپرست اڳواڻن مهاجر صوبي جي ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ويڙهائڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته هاڻي عوام پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي نوراڪشتي کي سمجهي ٿي، عوام اقتدار جي لالچين جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو، سکر پريس ڪلب ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي طرفان سنڌ جي ورهاڱي واري سازش کي ناڪام بنائڻ لاءِ سنڌ ۾رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس ۾ شريڪ سڄاڻ ڌرين چيو آهي ته مهاجر صوبي جو مطالبو ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي ڳٺ جوڙ جو نتيجو آهي، ٻئي ڌريون اقتدار لاءِ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ ويڙهاند جي سازش ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون گذريل 9 ورهين جي اقتداري دور ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کان سواءِ ڪجهه به ناهن ڪري سگهيون، ڪانفرنسکي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ متحده وٽ سياست ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو، جنهن ڪري هنن عوام کي ويڙهائي ووٽ وٺڻ جي سازش جوڙي آهي پر هاڻي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي اهڙين سازشن کي سمجهن ٿا ۽ هو پاڻ ۾ ڪڏهن به نه وڙهندا، جلال محمود شاهه چيو ته پ پ سموري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سموري سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو روڊ ثابت ناهي، شهر گند جو ڍير بڻجي ويا آهن، اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، جنهن ڪري هاڻي پ پ پ وارن روٽي ڪپرا ۽ مڪان وارو نعرو وڃائڻ بعد مرسون مرسون جي نعري جو سهارو وٺڻ گهري ٿي، جڏهن ته متحده هميشه ڪارڪنن کي ڏوهن ۾ ملوث ڪندي رهي، جنهن ڪري ڪراچي آپريشن دوران گرفتار ٿيلن ۾ وڌيڪ انگ متحده جي ڪارڪنن جو آهي، جنهن ڪري ئي ٻئي پارٽيون عوام کان همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ نوراڪشتي ڪري رهيون آهن، هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ به سمجهي چڪا آهن ته ايم ڪيو ايم کين استعمال ڪرڻ گهري ٿي، جنهن ڪري هو ايم ڪيو ايم جي چئي ۾ ناهن رهيا، متحده ۽ پ پ ڪيتريون به سازشون ڪن پر سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ ڀائر ئي رهندا. ڪانفرنس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي جسقم جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته الطاف حسين مهاجر صوبي جو مطالبو ڪري اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ ويڇا وجهي جهيڙا ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، پر هاڻي هو اهڙي سازش ۾ ناڪام ئي رهندو، نياز ڪالاڻي چيو ته اردو ڳالهائيندڙ به سنڌي ڳالهائيندڙن جيترا ئي سنڌي آهن، اهي ڌرتي سان پنهنجو رشتو مضبوط ڪن ۽ متحده جي سازشن کان پاڻ کي بچائن، هن جو چوڻ هو ته پ پ وارا مرسون مرسون جو نعرو سنڌ بچائڻ لاءِ نه پر اقتدار لاءِ هڻي رهيا آهن، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ڪرم حسين وساڻ چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪريل ساک بحال ڪرائڻ لاءِ نئين صوبي جي ڳالهه ۽ مرسون مرسون جا نعرا هڻي رهيا آهن، جنهن جو فائدو ٽين وقت وٺي رهي آهي، جنهن جي پاليسي ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو آهي، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي اڳواڻ قمر ڀٽي چيو ته سنڌ کي امن ۽ ترقي جي رستي تي وٺي وڃڻ لاءِ لازمي آهي ته سنڌين کي اقتدار تي قابض رهندڙ ٻنهي پارٽين کان آزاد ڪرائجي ۽ اهو فقط سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي اتحاد سان ئي ممڪن آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جي اڳواڻ اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ پاران پاس ڪيل ٺهرائن ۾ هڪ طرف سنڌ جي ورهاست جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ته ٻئي پاسي سنڌ جي دشمنن کي ورهاست جو غيرآئيني رستو پڻ ڏيکاريو وڃي ٿو، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نامياري صحافي لالا اسد پٺاڻ چيو آهي ته پاڻ کي فطري اتحادي چوندڙ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم مڊٽرم چونڊن جي آسري تي هڪ ٻئي خلاف نوراڪشتي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري 9 سال اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهڻ بعد هڪ ڌر مرسون مرسون ۽ ٻي ڌر مهاجر صوبي جا مطالبا ڪري رهي آهي، يڪجهتي ڪانفرنس کي سنڌ نيشنل موومينٽ جي اعجاز ساميٽيو، جيئي سنڌ محاذ جي صوفي حضور بخش، فنڪشنل ليگ جي صفيه بلوچ، نوازليگ جي سرور لطيف، تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ، ناميارن صحافين شبير بيدار ڀٽو، ممتاز بخاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *