لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان عهدو ڇڏي ڏنو آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ يونس خان جي بورڊ کان عليحدگي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يونس خان جهڙي تجربيڪار شخص کي وڃائڻ افسوس جي ڳالهه آهي، ڌرين طويل گڏيل مشاورت کانپوءِ راهون ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن يونس خان جي بيٽنگ ڪوچ جي خدمتن جي ساراه ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو مستقبل ۾ پنهنجي تجربي ۽ قابليت سان دستياب هوندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ يونس خان معاملي تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. يونس خان کي گذريل سال نومبر ۾ ٻن سالن لاءِ قومي ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.استعيفيٰ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ ۾ بيٽنگ ڪوچ جون خدمتون حاصل نه هونديون. قومي ٽيم جو انگلينڊ جو دورو 25 جون کان 20 جولاءِ تائين آهي ، جنهن ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 انٽرنيشنل شامل آهن جڏهن ته ٻئي طرف قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان ۽ پي سي بي جي وچ ۾ اختلافن جي اندروني ڪهاڻي منظرعام تي اچي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي پي سي بي سان سخت اختلافن سبب يونس خان عهدي کان ڌار ٿيو، مختلف اختلافن سبب يونس خان انگلينڊ جي دوري کان اڳ لاهور ۾ بائيو سيڪيور ببل ۾ به رپورٽ نه ڪيو. ذريعن موجب ان دوران بورڊ جا اعليٰ عملدار اختلافن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ڌرين ۾ اختلاف گهٽ نه ٿي سگهيا. ذريعن ٻڌايو آهي ته يونس خان کي پي سي بي انتظاميا سان مختلف معاملن تي اختلافات هئا ، يونس خان کي ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم سيريز کان اڳ محمد يوسف کي ڪئمپ ۾ موڪلڻ به ناگوار لڳو هو، اين ايڇ پي سي ڪوچز ۽ انهن جي طريقن تي به يونس خان کي تحفظات هئا جنهن بابت چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان ذاتي طور تي يونس خان کي بيٽنگ ڪوچ بڻجڻ لاءِ آماده ڪيو هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته ماضي ۾ يونس خان انڊر 19 ڪوچ بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ٽي سال اڳ هن اڪيڊمي ۾ مناسب ڪمرو نه هجڻ سبب ڪوچنگ ڪورس ڇڏيو هو .2006 ۾ يونس خان اوچتو ڪپتان طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي