
لاهور (سپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي سيزن ڪيمپ کان ٻاهر ٿي ويو جڏهن ته اوپننگ بيٽسمين فخرالزمان به في الحال ان ڪيمپ ۾ شرڪت ناهي ڪري سگهيو. ياد رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي پري سيزن ڪيمپ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پري سيزن ڪيمپ کان ٻاهر ٿي ويو. فاسٽ بالر ڊينگي بخار جو شڪار آهي، جنهن سبب هو ان ڪيمپ ۾ شرڪت نه ٿو ڪري سگهي. پي سي بي موجب ڊينگي بخار جي سڃاڻپ کانپوءِ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. هوڏانهن قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين فخرالزمان پڻ گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ويو، جنهن سبب هو في الحال ڪيمپ ۾ پريڪٽس جي شروعات نه ڪري سگهيو.