قومي ٽيم جونيئر ڊيوس ڪپ ٽائي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي: معين شاهه

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي جونيئر ٽينس ٽيم جي ڪوچ معين شاهه چيو آهي ته قومي ٽيم جونيئر ڊيوس ڪپ ٽائي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي. گذريل ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 3 ميمبرن تي ٻڌل قومي جونيئر ڊيوس ڪپ ٽائي ٽينس ٽورنامينٽ ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندي. جونيئر ڊيوس ڪپ اڄ خميس کان سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ شروع ٿيندو. 3 ميمبرن تي ٻڌل ٽيم ۾ شامل صاحبزاده محمد علي، ثاقب خان ۽ شعيب خان پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. هن چيو ته ايونٽ لاءِ ٽرائلز کان پوءِ ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي اميد آهي ته قومي ٽيم ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو. قومي ٽيم ايونٽ ۾ شرڪت کان پوءِ 18 مارچ تي پاڪستان واپس پهچندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *