قومي ٽيم تي ميڊيا ۽ عوام جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي:نجم سيٺي

لاهور (بيورو) پي سي بي جي گورننگ بورڊ جي ميمبر نجم سيٺي چيو آهي ته قومي ٽيم تي ميڊيا ۽ عوام جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي، دنيا ۾ ڪا به ٽيم ايتري دٻاءَ ۾ ناهي کيڏندي جيترو پاڪستاني ٽيم تي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي جو چوڻ هو ته هــُو مڃي ٿو ته ٽيم جي ڪارڪردگي ٺيڪ ناهي. هن چيو  ته کين قومي ٽيم ۾ موجود رانديگرن جي تجربي ۽ ڪارڪردگي تي به نظر رکڻ گهرجي. نجم سيٺي چيو ته هن وقت ملڪ جا اڪثر فاسٽ بالر اَن فٽ آهن جڏهن ته بيٽسمين به وڌيڪ تجربي ڪار ناهن. پي سي بي جي گورننگ بورڊ جي ميمبر جو چوڻ هو ته قومي ٽيم تي ميڊيا ۽ عوام جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي، دنيا ۾ ڪا به ٽيم ايتري دٻاءَ ۾ ناهي کيڏندي جيترو پاڪستاني ٽيم تي آهي. نجم سيٺي چيو ته اهڙي صورت ۾ ڪو رانديگر ڪارڪردگي نه ٿو ڏيکاري سگهي جڏهن کيس معلوم ٿئي ته ناڪامي تي کيس گارين سان نوازيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *