قومي هينڊ بال ٽيم سيف گيمز ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪندي: عثمان ملڪ

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) انٽر نيشنل رانديگر عثمان انجم ملڪ المعروف مون ملڪ چيو آهي ته قومي هينڊ بال ٽيم سيف گيمز ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. سيف گيمز ايندڙ سال جنوري ۾ ڀارت ۾ کيڏي ويندي. انهن خيالن جو ا/ظهار هن پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ جاري سيف گيمز جي تياري جي سلسلي ۾ قومي هينڊ بال ٽيم جي تربيتي ڪيمپ دوران ڪيو. هن چيو ته تربيتي ڪيمپ ۾ سڄي ملڪ جا 18 رانديگر شرڪت ڪندا. رانديگرن کي هيڊ ڪوچ رانا اظهار الحق ۽ سلطان محمود اعليٰ ۽ جديد تربيت ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته قومي ٽيم 2010ع ۾ بنگلاديش ۾ کيڏيل سيف گيمز جي فائينل ۾ ڀارت کي 7 گولن تان شڪست ڏئي چيمپيئن ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *