قومي سلامتي بابت پارليماني ڪميٽي ۾ ايئن لڳي رهيو هو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي هڪ آهن: شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته قومي سلامتي بابت پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪنهن سياسي ڳالهه نه ڪئي صرف قومي سلامتي معاملن تي ڳالهه ٿي، ائين لڳي رهيو هو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي هڪ آهن، زبردست ميٽنگ ٿي ۽ سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ افغان، ڪشمير ۽ عالمي معاملن تي بريفنگ ڏني. جڏهن ته سوالن جا جواب آرمي چيف قمر جاويد باجوا ڏنا خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ ڪلاڪ 30 منٽ جي بريفنگ ڊي جي آءِ اي آءِ ڏني، بريفنگ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا خيال هڪ جهڙا هئا. اڄ سمورين ڳالهين تي کلي ڳالهه ٿي. ڪنهن سياسي ڳالهه نه ڪئي رڳو قومي سلامتي معاملن تي ڳالهه ٿي شيخ رشيد چيو ته ڀارتي گهرو وزير گهرو وزارت غلط الزام مڙهي رهي آهي ثبوت آهي ته آڏو آندو وڃي ڀارتي گهرو وزارت ڊرون حملي بابت غلط الزام لڳائي رهي آهي پاڪستان ۾ ڀارت جي دهشتگردي جي پٺڀرائي پڪڙي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچيج تي ڀارت جي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بنايو، ڀارتي گهرو وزارت پاڪستان تي ڊرون حملي جو ڪوڙو الزام مڙهيو ڀارت جي غلط الزام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪڏهن به ڪنهن پاڪستاني کي پرڏيهين جي حوالي ناهي ڪيو پاڪستان جي خلاف به ڪنهن جي سرزمين استعمال نه ٿيڻ جي اميد رکون ٿا اسان آمريڪا، يورپ سان به سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا اسان چين سان به سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا هن هر ڏکئي وقت ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو اسان پاڻ کي دنيا کان الڳ ٿلڳ نٿا رکڻ چاهيون دنيا سان گڏ رهڻ چاهيون ٿا اسان جي پاليسي تبديل ٿي رهي آهي اسان پنهنجا اڏا هاڻي ڪنهن کي نه ڏينداسين اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ امن استحڪام هجي اسان کي به فائدو ٿيندو شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم پنهنجي سرزمين استعمال لاءِ ڪنهن ٻئي کي نه ڏينداسين عمران خان تقرير ۾ صاف لفظن ۾ چئي چڪو آهي ته اسان جي سرزمين استعمال نه ٿيندي. ايئن محسوس ڪري رهيو آهيان ته ملڪ لاءِ حڪومت، اپوزيشن ۽ فوج سڀ متهحد آهن افغانستان جي صورتحال جو اثر پاڪستان تي به پوي ٿو اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *