قومي سلامتي بابت غلط خبر ليڪ ڪندڙ کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو)  اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومي سلامتي بابت غلط خبر ڇاپڻ تي هڪ گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾  ڪيترائي معامعلا بحث هيٺ آيا ۽ اتي اهو فيصلو ٿيو ته هي وڏو عالمي سيڪيورٽي جو معامعلو آهي،ان ڪري ان تي جاچ ٿيڻ گهرجي،سندس چوڻ هو ته صحافي پاڻ لکيو ته گڏجاڻي ۾ موجود سڀني ماڻهن ان ڳالهه جي پڪ ڪئي پر سوال اهو آهي ته ان کانپوءِ به خبر ڪئين ڇپي،جڏهن ته صحافي پنهنجي ٽوئٽر نياپي ۾ چيو آهي ته مان پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان،جنهن سان معامعلو اڃان وڌي ويو پر ان ڳالهه ۾ جيڪا به حقيقت آهي اها اڳيان اچڻ گهرجي.وفاقي گهرو وزير جو چوڻ  هو ته ڪنهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ پوري جاچ ڪرڻ جو مون پاڻ چيو هو پر هو صحافي ٻئي ڏينهن ئي دبئي پئي ويو ۽ جيڪڏهن هو هليو وڃي ها ته حڪومت تي الزام لڳايو وڃي ها ته پاڻ ئي غلط خبر ڇپرائي ۽ پاڻ ئي صحافي کي ملڪ مان ڀڃائي ڇڏيو.هن چيو ته صحافي جو نالو رڳو جاچ تائين اي سي ايل ۾ وڌو ويو ته هو ملڪ مان ٻاهر نه وڃي سگهي پر خبر ڏيندڙ صحافي تي ڪابه پابندي ناهي پر  خبر ليڪ ڪئي ان ڪري کيس ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ڇو ته هن هڪ خبر  سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جي خواري ٿي آهي ۽ ڀارت کي اسان جي خلاف سازشون ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ويو.چوڌري نثار جو چوڻ هو ته هن خبر ۾ نان اسٽاڪ ايڪٽرز جي حوالي سان اسان جي ويريءَ جي موقف کي ٺيڪ ثابت ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي قومي سلامتي بابت غلط خبر ڇاپڻ تي قانون  واري وفاقي وزير زاهد حامد جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،جيڪا غير رسمي معامعلي جو جائزو وٺندي ۽ ڪميٽي 2،3 ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي،،گهرو وزير چيو ته صحافي کان باين رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر هو سهڪار نه پيو ڪري،جڏهن ته جاچ پوري ٿيڻ تائين هنن ماڻهن کي ڪيڏانهن به نه وڃڻ ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *