
لاهور (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياستدانن کي وڪيلن کان مينڊيٽ مڃڻ سکڻو پوندو، بار جي چونڊن ۾ ڌرڻو ۽ احتجاج شامل ناهي هوندو،نتيجا جيڪي به هوندا آهن، اهي مڃڻا پوندا آهن. لاهور ۾ هائيڪورٽ بار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي سطح تي ناڪامي جا اسان سڀ ذميوار آهيون، اسٽبلشمينٽ، سياستدانن ۽ عدليا کان غلطيون ٿيون آهن، جيڪي انهن سڀني کي مڃڻيون پونديون، هن چيو ته پ پ جي حڪومتي دور ۾ پاڻمرادي نوٽيس جو غلط استعمال ڪيو ويو، مان پڇي سگهان ٿو ته نوازليگ جي ايڪشن پلان ۾ گهڻن دهشتگردن کي سزا ملي آهي؟ ن ليگ جو ايڪشن پلان اهو آهي ته پنجاب ۾ ڪنهن به انتهاپسند خلاف ڪارروائي ناهي ڪرڻي. سندس چوڻ هو ته قومي ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق ڪم نه پيو ڪيو وڃي، ضرورت آهي ته توهين رسالت قانون جو غلط استعمال روڪيو وڃي، سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، جيڪي ٻين نالن سان ڪم ڪري رهيون آهن،حڪومت پاڻ به مڃيو آهي ته ان کي ٻين نالن سان ڪم ڪندڙ اهڙين تنظيمن جي انگ جي ڄاڻ ناهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڪڏهن سٺن ۽ خراب طالبان جا اصطلاح استعمال ڪيا ويا، بچاءَ وارو وزير چئي چڪو آهي ته افغان طالبان سان تاپي گئس پائپ لائن رٿا جي حفاظت لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، هن چيو ته لاهور هائيڪورٽ بار ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڏي بار آهي ۽ اها جمهوري جاکوڙ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن بار جو گذريل ۽ ايندڙ وقت ٺاهڻ ۾ وڏو حصو آهي،قائد اعظم ۽ منهنجو نانو ذوالفقار علي ڀٽو وڏا ناليوارا وڪيل هئا،هن چيو ته جمهوريت لاءِ بار جي جاکوڙ واري تاريخ شاهد آهي ته ان جڏهن به جهنڊو کنيو ته آمرن کي وڃڻو پيو، هاڻ به هر اداري کي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪردار نڀائڻو پوندو، سندس چوڻ هو ته کيس اهڙي پارٽي جو حصو هجڻ تي فخر آهي، جنهن جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پ پ ڪارڪنن تي زخمن جا نشان انعام برابر آهن،پ پ چيئرمين چيو ته قومون آئين ۽ قانون لاءِ وڏي جاکوڙ ڪنديون آهن، هڪ آمر ايمرجنسي لڳائي ۽ 60 ججن کي ڪم کان روڪي ڇڏيو، پارليامينٽ عدليا جي اعتراضن تي ڪميٽي جوڙي ۽ ججن پنهنجي ضمير مطابق فيصلا ڪيا، پ پ جي وزيراعظمن خلاف وڏا وڏا فيصلا ڪيا ويا، ججن جي مقرري جج ڪن ته انصاف مضبوط ٿيندو، جڊيشل ڪميشن ججن جي مقرري ۾ پارليامينٽ کي به اختيار ڏنو آهي، آئين مطابق قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي، جڏهن ته عدليا جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججن جي مقرري ۾ صدر ۽ وزيراعظم جو ڪردار نمائشي آهي، اسان ملڪ ۾ انصاف ڀرئي نظام جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته اڃا تائين ملڪ ۾ ڪابه عورت چيف جسٽس مقرر ناهي ٿي، منهنجي امڙ جي دور ۾ عورتن کي عدالتي بينچن ۾ آندو ويو پر اها ڳالهه عجيب آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪابه عورت جج ناهي، پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سوين پاڻمرادا نوٽيس ورتا ويا، قانوني ماهرن به انهن نوٽيسن تي اعتراض واريا، مان ته قانونسازي بابت پارليامينٽ کي مليل اختيار خلاف اعتراض تي حيران آهيان، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرپشن جي حوالي سان ڪابه مقدس ڳئون ناهي، اسان کي ڪرپشن ڪيسن جي حوالي سان ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، معاشري لاءِ ڌار ڌار نظام صحيح ناهي، پي سي او هيٺ آئين کي لتاڙڻ جي مذمت ڪيون ٿا.