قومي حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت ناهي نه حامي آهيون، وفاق غير آئيني قدم کنيو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  سڌ سماءَ واري وزير کي سنڌ جي دوري مان ڪجهه نه مليو آهي،وفاق غير آئيني قدم کنيو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قومي حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ۽ نه وري حامي آهيون،  چاهيون ٿا ته حڪومت پنجن سالن جو مدو پورو ڪري پر ايئن نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته هي حڪومت پنهنجي وزن سان پاڻ ئي ڪري پوندي، قانونساز پرڏيهه نه ٿا وڃن هتي قانونسازي لاءِ موجود آهن، ڇا عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي جو هو پارليامينٽ ۾ نه ٿو اچي، حڪومت ٻڌائي پنجن سالن ۾ ڪهڙي قانونسازي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان اڃا تائين ڪنٽينر تي بيٺل آهي، هيٺ لهي ته حقيقت جي خبر پوي،  هي حڪومت معيشت سميت هر شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، مخالف ڌر جو اتحاد گڏيل اعتماد سان قائم ڪري سگهي ٿو، اسان گڏ هلڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي.  پ پ اڳواڻ مني بجيٽ جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪئي ويندي،  حڪومت پهرين پنجن مهينن ۾ ئي ملڪ کي 7 ارب ڊالر جو قرضي ڪري ڇڏيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *