قومي ترانو پڙهڻ مون لاءِ هڪ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي: اميتاڀ بچن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن ڀارتي مقامي ڪبڊي ليگ جي افتتاحي تقريب ۾ ڀارتي قومي ترانو پڙهندو، ان کان اڳ 72 سالن جي اداڪار ساڳي ليگ لاءِ پنهنجي آواز ۾ پرموشنل مشهوري پڻ رڪارڊ ڪرائي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب پرو ڪبڊي ليگ جي پهرين ميچ ۽ تقريب ممبئي ۾ رٿي وئي آهي. ان موقعي تي اميتاڀ بچن پنهنجي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ جي بلاگ تي لکيو ته قومي ترانو پڙهڻ هن لاءِ هڪ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، هن چيو ته قومي ترانو پڙهڻ سان فخر ٿيندو آهي، هن چيو ته قومي ترانو فقط لفظن جي ادائگي ناهي پر ان ۾پنهنجي عزت ۽ فخر وڌندو آهي، هن چيو ته قومي ترانو وطن طرف ڌيان ڇڪائي ٿو ان ڪري کيس تمام گهڻو پسند به آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *