قومي اسيمبلي ۾ چونڊ اصلاحات بل منظور، مخالف ڌر جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙيون ويون

اسلام آباد(م.ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳوڻي صدر نواز شريف جي ٻيهر پارٽي سربراهه بڻجڻ جو رستو صاف ٿي ويو، سينيٽ جي بعد قومي اسيمبلي به اليڪشن بل 2017ع ترميمن سان گڏ منطور ڪري ورتو، چونڊ بل 2017ع وفاقي وزير قانون زاهد حامد پيش ڪيو، بل جي منظوري بعد نواز شريف جي مسلم ليگ ن جو صدر بڻجڻ جي آخري رنڊڪ به ختم ٿي وئي، ان موقعي تي اپوزيشن ايوان ۾ سخت هنگامو ڪيو، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عوامي مسلم ليگ بل جي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ يا ڪنهن مقامي حڪومت جو ميمبر ٿيڻ جو اهل هجي يا نه هجي هاڻي سرڪاري ملازم کان سواءِ هر شهري سياسي جماعت بڻائڻ يا ان جو ميمبر بڻجڻ، لاڳاپيل هجڻ، سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ يا عهديدار بڻجڻ جو اهل هوندو. سينيٽ بعد قومي اسيمبلي به اليڪشن بل منظوري ڪري ورتو، جڏهن به بم ۾ جماعت اسلامي جون ترميمون به رد ڪيون ويون، اپوزيشن پارٽين اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪندي بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اپوزيشن ليڊر کان اسپيڪر جي ڊائيس جي گهراءُ جو مطالبو پڻ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *