قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي غير حاضري تي خورشيد شاهه پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وزير اعظم، وفاقي وزير ن ۽ ميمبرن جي گهٽ حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . خورشيد شاهه ايوان ۾ چيو ته پهرين اپوزيشن ليڊر نه ايندو هو ته وزير اعظم ايندو هو هاڻي اپوزيشن ليڊر اچي ٿو ته وزير اعظم نه ٿو اچي. هاڻي ڪا قرارداد پيش ڪئي وڃي ته خبر پئجي ويندي. فاٽا جا مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري فاٽا ميمبرن ۽ پيپلز پارٽي واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت ۾ جاري آهي. اڄ  نجي ڪارروائي جي ڏينهن ايوان ۾ صرف25 کان 30  ميمبر موجود آهن.  ڊپٽي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 5 ميمبرن ساجد نواز، امجد علي، شاهه محمود قريشي، عارف علوي ۽ شيري مزاري جي چاليهه ڏينهن کان مسلسل غير حاضر رهڻ بابت ايوان کي آگاهه ڪيو.  اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وفافي وزيرن جي غير حاضري تي شديد تنقيد ڪندي چيو ته هن ايوان کي اهميت ڏني وڃي  جيڪي وزير پاڻ کي سينيئر سمجهن ٿا  ۽ پنهنجون هيڊلائنز لڳرائين ٿا اهي ڪٿي آهن. ماڻهو اسان کي فرينڊلي اپوزيشن جو تعنو ڏين ٿا. پارليامينٽ ۾ائين ٿيندو ته پوءِ فيصلا رستن تي ٿيندا. هن چيو ته وزير اعظم کي پيغام ڏيان ٿو ته فرنٽ لائن جي وزيرن کي ٽن ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي. باقي ته معصوم آهن. ان جا وزير  پنهنجي بي اختياري جو شڪايتون اسان سان ٿا ڪن.اسان پنهنجي ايم اين ايز کي 50 ڪروڙ تائين فنڊ ڏنا. اڄ حڪومت 5 روپيا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.  اسان کي فنڊ نه ڏيو پر پنهنجن ايم اين ايز کي ته ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *