قومي اسيمبلي ۾ ميانمار جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ميانمار جي مسلمانن تي ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير ميانمار جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، اجلاس دوران خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جَي ايم اين اي شاهه محمود قريشي چيو ته اسيمبلي ۾ بدمعاشي ڪرڻ لاءِ لائيوِ ڪوريج نه پئي ڪرائي وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته رڳو جملي بازي ٿيندي ته اجلاس جي ڪارروائي ڪيئن هلي سگهندي،جنهن تي اسپيڪر اياز صادق پي ٽي آءِ ايم اين اي کي مخاطب ٿيندي چيو ته قريشي صاحب اوهان مان اهڙي اميد نه هئي. ان موقعي تي وفاقي وزير راڻا تنوير وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته هو شاهه محمود قريشي جَي پيءُ ۽ ڏاڏي کي به سڃاڻي ٿو. اسپيڪر پاران وفاقي وزير جي لفظن تي اعتراض بعد وفاقي وزير راڻا تنوير گٿا لفظ ڳالهائڻ تي شاهه محمود قريشي کان معافي وٺي ڇڏي. اجلاس دوران عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ڳالهائيندي چيو ته ڪڻڪ خريد ڪرڻ وارو ڪير به ناهي،اسحاق ڊار ۽ احسن اقبال جَي بيانن ۾ ڏينهن ۽ رات جيترو فرق آهي. شيخ رشيد چيو ته ڪامورن کي 2-2 گاڏيون ڏنيون پيو وڃن،جيڪو عوام سان سراسر ظلم آهي. شيخ رشيد چيو ته ڪينسر ۽ هيپاٽائيٽس جهڙن موذي مرضن جِي انجيڪشنز ۾ پاڻي ملايو پيو،جنهن جو ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي نسرين جليل ترقي ۽ منصوبابندي جَي وفاقي وزير احسن اقبال خلاف قومي اسيمبلي ۾ استحقاق واري رٿ پڻ جمع ڪرائي. استحقاق واري رٿ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ کي 80 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جيڪو سراسر ڪوڙ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *