قومي اسيمبلي ۾ ايل اين جي جا اگهه نه ٻڌائڻ تي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ميمبرن ۾ منهن ماري، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ايل اين جي جا اگهه نه ٻڌائڻ تي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ميمبرن ۾ منهن ماري احتجاج سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن ايل اين جي جا اگهه معلوم ڪيا جيڪي نه ٻڌائڻ تان گوڙ ٿي ويو. شاهد خاقان عباسي ڳالهائيندي چيو ته ايل اين جي معاهدي جي اي سي سي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته اپوزيشن قومي اشو تي سياست ڪري رهي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان جي لڳايل الزامن کي هو رد ڪن ٿا. پي ٽي آءِ ميمبرن سان مخاطب ٿيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اوهان جو ليڊر عوام آڏو ڪوڙ ڳالهائندو رهيو آهي. هن چيو ته هن 10 مهينا ڪوڙ ٻڌو، هاڻ سچ ٻڌو وڃي، جيڪڏهن عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ تي معافي ورتي ته هو به وٺندو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪو به هڪ ٻئي کي ڪوڙو نه چوي،ڪوڙي وارا لفظ ڪارروائي مان خارچ ڪيا وڃن. شيخ رشيد ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ خطرو قومي اسيمبلي کي آهي. هن چيو ته اسيمبلي جي سڪيورٽي رينجرز حوالي ڪئي وڃي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته بيروزگاري ملڪ ۾ داعش لاءِ وڏو ماحول پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته راولپنڊي ۾ به داعش جي ڀتي واريون پرچيون ملي رهيون آهن. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي بابت انڪار ڪندڙ جلد سڀ ڪجهه ڏسي وٺندا. اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *