قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ۽ 21 هين ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي پاڪستان تحريڪ انصاف جي يو آءِ (ف) جماعت اسلامي جا ميمبر ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد جي غير حاضري جي باوجود عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ 21هين آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم جي گڏيل منظوري ڏيئي ڇڏي 247 ميمبرن ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا ڪنهن ميمبر پاران مخالفت نه ڪئي ويئي قومي اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ 21هين آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل سينيٽ مان منظور ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ پاڪستان جو صدر صحيح ڪندو ۽ هي قانون بڻجي ويندو جيڪو فوري لاڳو ٿيندو جڏهن ته سيد خورشيد شاهه واضح ڪيو ته دين جي حڪمن جي خلاف ڪوئي قانون پاس ڪرڻ جو سوچڻ به گناهه آهي اسلام ئي اسان جو دين آهي آرمي ايڪٽ دين ۽ اسلام کي استعمال ڪندڙ دهشتگردن جي خلاف استعمال ٿيندو دهشتگرد مدرسي جو هجي يا گرامر اسڪول جو ڪنهن سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي اڱاري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم نوازشريف به شامل ٿيو جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جا ميمبر ۽ عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد احمد موجود نه هو ان لاءِ ان پاران راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو ويو پاڪستان تحريڪ انصاف جا ميمبر به ڌانڌلي جي حوالي سان جاري احتجاج جي ڪري اسيمبلي مان غير حاضر رهيا وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پاران پيش ڪيل پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم ڪرڻ جو بل پاڪستان آرمي ترميمي بل 2015 ڪجهه ترميمن سان اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. جماعت اسلامي پاران جمع ڪرايل ترميمون ميمبرن جي غير موجودگي جي ڪري رد ڪيون ويون 21هين ترميم لاءِ شق وار منظوري ورتي ويئي جنهن ۾ ڪنهن به ميمبر مخالفت نه ڪئي آئين ۾ ترميم لاءِ 342 رڪني ايوان ۾ 228 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت به اڱاري تي ايوان ۾ 247 ميمبرن ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا ايوان ۾ 190 ميمبرن جو تعلق حڪومتي جماعت مسلم ليگ (ن) سان آهي پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين جماعتن جي ميمبرن جي حمايت سان حڪومت ترميم منظور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق عمري جي سعادت ماڻڻ سبب ملڪ مان ٻاهر هئڻ جي ڪري اجلاس ۾ موجود نه هو 21هين آئيني ترميم ۾ پهريان شق وار منظوري ورتو ويئي ان کان پوءِ ان جي منظوري لاءِ ٻه الڳ چيمبر ٺاهيا ويا جنهن ۾ ترميم جا حامي ۽ مخالف انهن چيمبرز ۾ وڃڻو هو ۽ حمايت لاءِ جوڙيل چيمبر ۾ حمايت ڪندڙ سمورا ميمبر ويا پر مخالفت لاءِ جوڙيل چيمبر خالي رهيو. جمعيت علماءِ اسلام (ف) گروپ ۽ جماعت اسلامي آئيني ترميم مسودي ۾ دهشتگردي سان مذهب فرقي جو نالو شامل ڪرڻ تي تحفظات جو اظهار ڪيو هو ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته ان سان مذهب جي بدنامي ٿيندي انهي ڪري جماعت اسلامي آئين ۾ ترميم جي حوالي سان به هڪ بل جمع ڪرايو هو آئين ۾ ترميم جي حوالي سان ٿيندڙ اعتراضن تي حڪومت ترميم ۾ هي به شامل ڪيو ويو ته 2002 جي پوليٽيڪل آرڊر جي تحت رجسٽرڊ جماعتون هن ترميم جي زمري ۾ نه اينديون قومي اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ هي ترميم سينيٽ مان منظور ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ ان تي پاڪستان جو صدر صحيح ڪندو ۽ هي ترميم ملڪ ۾ لاڳو ٿي ويندي. اجلاس جي شروعات ۾ سيد خورشيد شاهه چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خاتمي تي متفق آهي خطابي مدرسي جو هجي يا شاگرد ڪاليج جو دين جي خلاف ڳالهائي نٿو سگهي هن چيو ته ملڪ ۾ بير رحيمي سان ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي. فوجي عدالتن جو ڪڙو ڊڪ دهشتگردن سان منهن ڏيڻ لاءِ پيتو پيو وڃي سيد خورشيد شاهه چيو ته آرمي ايڪٽ مذهب جي خلاف نه آهي آئين ۾ واضح آهي ته اسلام ئي اسان جو دين آهي آرمي ايڪٽ دين ۽ اسلام کي استعمال ڪندڙ دهشتگرد جي خلاف استعمال ٿيندو هن چيو ته يقين نه آيو ته فوجي عدالتون آئين جون لڄ رکنديون دهشتگرد مدرسي جو هجي يا گرامر اسڪول جو ڪنهن سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي دهستگردن جي خلاف ڪارروائي ۾ ڪوئي فرق نه ٿيڻ گهرجي ڪجهه فيصلا وقت سان گڏ ڪيا وڃن ٿا دين جي حڪمن جي خلاف ڪوئي قانون پاس ڪرڻ جو سوچڻ به گناهه آهي سيد خوشيد شاهه چيو ته جڏهن حڪومت طالبان سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو هو ته پيپلزپارٽي ساٿ ڏنو ته جيڪڏهن ان سان پاڪستان جو فائدو ٿئي ٿو ته جماعت حڪومت سان گڏ آهي سيد خورشيد شاهه چيو ته اڄ اسان سڀ ڏکين فيصلن لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته جيئن پاڪستاني عوام ۽ زمين کي محفوظ ۽ بچائي سگهون هن چيو ته هي ترميمون انهن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي ڌماڪن ۽ رتوچاڻ ۾ ملوث آهن هي ترميمون انهن جي لاءِ آهن جيڪي سلمان تاثير جي ياد ۾ شمع ٻارڙيندڙن تي حملو ڪن ٿا. ان کان پوءِ آئين ۾ ترميمن جي منظوري کان پوءِ قومي اسيمبلي آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم جي به گڏيل طور تي منظوري ڏيئي ڇڏي. عسڪريت پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آرمي ايڪٽ ۽ آئيني ۾ ايڪهيني ترميم قومي اسيمبلي 2 ڀاڳي 3 اڪثريت سان منظور ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ ۾ به گڏيل طور منظور ڪئي وئي آهي، ترميم تي صدر جي صحيحي کانپوءِ قانون بڻجي ويندو جيڪو فوري تي لاڳو ٿي ويندو ۽ ٻن سالن تائين لاڳو رهندو، سينيٽ ۾ به جي يو آءِ جا ميمبر غير حاضر رهيا، 78 ميمبرن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ڪنهن ميمبر پاران مخالفت نه ڪئي وئي، اڱاري تي سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ نير حسين بخاري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران پهريان وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سوالن جو وقفو موخر ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي جنهن تي چيئرمين قائد ايوان کي چيو ته وفاقي وزير سينيٽ جو ميمبر نه آهي ان لا3 تحريڪ ٻيهر پيش ڪئي وڃي، جنهن تي قائد ايوان راجا ظفر الحق رولز مطعل ڪري سوالن جو وقفو موخر ڪرڻ جي تحريڪ ٻيهر پيش ڪئي جنهن جي ايوان اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ايڪهيني آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪيو ۽ ايوان ۾ ووٽنگ ڪئي وئي، سينيٽ ۾ موجود 78 ميمبرن ٻنهي بلن جي حق ۾ ووٽ ڏنا ڪنهن رڪن پاران مخالفت نه ڪئي وئي، جڏهن ته جي يو آءِ ف جي قومي اسيمبلي ميمبرن کانپوءِ سينيٽ مان به غير حاضر رهيا، جمعيت علماءِ اسلام ف ۽ جماعت اسلامي آئيني ترميمي مسودي ۾ دهشتگردي سان گڏ مذهب ۽ فرقي جو نالو شامل ڪرڻ تي تحفظات جو اظهار ڪيو هو ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته ان سان مذهب جي بدنامي ٿيندي ، سينيٽ مان منظور ڪيل ترميمي بل ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ غير معمولي حالتون ان ڳالهه جي گهر ڪن ٿيون ته دهشتگردي ۽ پاڪستان خلاف جنگ جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪيسن جي تيزي ٻڌڻي لاءِ خاص عدالتون قائم ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *