قومي اسيمبلي پاڪ افغان سرحد جي سيڪيورٽي مضبوط بنائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي ٺهراءٌ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي پاڪ افغان سرحد جي سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي ٺهراءُ جي منظوري ڏيئي ڇڏي اهي جڏهن ته پارليماني گهرو سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ افغان بارڊر ڪراس ڪندڙن کي نارا ۽ نادره جي ڊيٽا بيس موجب راهداري پاس ڏيڻ جي عمل کي خودڪار بڻايو پيو وڃي ايف آءِ اي جا قائدا لاڳو ڪرڻ لاءِ سمري پاڪستان جي صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي هڪ سافٽ ويئر ڊيولپ ڪري پاڪستان ايندڙن کي مارنيٽر ڪيو ويندو اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي مراد سعيد ٺهراءُ پيش ڪيو ته هن ايوان جي راءِ آهي ته حڪومت پاڪستان افغانستان سرحد جي سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ جا اثرائتا قدم کڻي پارليماني گهرو سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو ته بارڊر ڪراس ڪندڙن کي نارا ۽ نادره جي ڊيٽا بيس مطابق راهداري پاس ڏيڻ جي عمل کي خودڪار بڻايو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان ايف آءِ اي جا قائدا لاڳو ڪرڻ لاءِ سمري صدر کي اماڻي ويئي آهي هن چيو ته هن معاملي ۾ بچاءُ واري وزارت واپار جي وزارت ۽ ايف بي آر جون به ذميواريون آهن مراد سعيد چيو ته اڍائي سال اڳ قومي گهرو پاليسي جوڙي ويئي پر ان کان پوءِ اي پي ايس ۽ چارسده جا واقعا ٿيا پارليماني گهرو سيڪريتري مريم اورنگزيب چيو ته اسان قومي داخلي پاليسي کي نظر ۾ رکي ئي نيشنل ايڪشن پلان تيار ڪيو آهي اسان هن ٺهراءُ جي مخالفت ڪيون ٿا مراد سعيد ٺهراءُ جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو ته افغانستان مان روزانو غير قانوني طور هزارين ماڻهو بارڊر ڪراس ڪن ٿا تنهنڪري دهشتگرد به اچي سگهن ٿا ان جو سدباب هئڻ گهرجي عائشه سيد چيو ته افغانستان مان هٿيار ۽ غير قانوني گاڏين جي اچڻ جو سلسلو روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن عبدالستار بچاڻي به ٺهراءُ جي حمايت ڪندي چيو ته افغانستان جي رستي پاڪستان داخل ٿيندڙ دهشتگردن جو رستو روڪڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ڊاٽر شيرين مزاري چيو ته بارڊر جي سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ قومي پاليسي آهي حڪومت کي هن ٺهراءُ جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي مولانا گوهر شاهه چيو ته اسان دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪيون ٿا ۽ پاڪ افغان باردر جي سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا عبدالقهار چيو ته پاڪستان پنهنجي سمورن باردرز جي سيڪيورٽي مضبوط ڪري جڏهن ته سڄو الزام افغان پشتونن تي نه ڏنو وڃي مولانا امير زمان چيو ته پاڪ افغان بارڊر جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن هڪٻئي جي ڏک سور ۾ شريڪ ٿيڻو آهي انهن ماڻهن کي دهشتگرد نه چيو وڇي عائشه گلالئي چيو ته افغانستان مان دهشتگرد حملا آور ٿين ٿا اسان جا ماڻهو شهيد ٿين ٿا هن ٺهراءُ جي مخالفت جو ڪوئي جواز نه آهي بارڊر مئنجمينٽ وقت جي اهم تقاضا آهن جيڪڏهن افغانستان اها ڳالهه نٿو مڃي ته اسان کي پنهنجي پاران بارڊر سيل ڪري ڇڏڻ گهرجي انجنيئر عثمان خان ترڪئي چيو ته پاڪ افغان بارڊر جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ٺهراءُ جي خمالفت جو ڪوئي جواز نه هو اسان کي پنهنجو ملڪ بچائڻو آهي افغان شهري پاڪستان اچي اسان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ وٺي دنيا ۾ اسان جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا اهن مولانا امير زمان چيو ته مان ڊيورنڊ لائين کي تڪراري ناهي چيو شيخ اڪبر خان چيو ته ملڪ جي هر شهري جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ٺهراءُ جي مخالفت ڪرڻ زيادتي واري ڳالهه آهي اسان ٺهراءُ جي حمايت ڪيون ٿا. غوث بخش مهر چيو ته ٺهراءُ جي مخالفت مناسب طرزعمل نه آهي نيشنل سيڪيورٽي صوبن ۽ مرڪز سڀني جي ذميواري آهي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي بارڊر تي ڊگهي ڪنڊيدار تار لڳائي ڇڏي آهي سرحدن جي حفاظت صوبن جي ذميواري نه آهي مرڪز جي آهي هي تمام بهتر ٺهراءُ آهي ان کي منظور ٿيڻ گهرجي پارليماني سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو ته هن بارڊر مئنجمينٽ کي صوبن جي ذميواري ناهي چيو پر هن اهو چيو آهي ته سيڪيورٽي جي معاملن جي ذميواري لکاڳاپيل صوبي جي هوندي آهي هن چيو ته هو ٺهراءُ جي مخالفت نٿا ڪن ان معاملي کي ڪوئي ٻيو رنگ نه ڏنو وڃي قومي اسيمبلي ٺهراءُ يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو اجلاس دوران قومي اسيمبلي يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين کي يونيورسٽي احاطي اندر هاسٽل ۾ رهائش ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جو ڄهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله ٺهراءُ پيش ڪيو ته هن ايوان جي راءِ آهي ته حڪومت سڄي ملڪ جي يوينورسٽين ۾ داخلا وٺڻ تي شاگردياڻين کي يونيورسٽي جي اهاطي اندر هاسٽلن ۾ رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي پارليماني ناڻي سيڪريٽري رانا افضل خان ٺهراءُ جي مخالفت نه ڪئي قومي اسيمبلي ٺهراءُ جي منظوري ڏيئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽون رکندڙ عورتن کي ترقياتي فنڊ نه ڏيڻ تي وومين ميمبرز ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ عائشه سيد چيو ته مالاڪنڊ ڊويزن ۾ پيٽرول هاڻي به 65 ۽ 66 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي ان جو نوٽيس ورتو وڃي مخصوص سيٽون رکندڙ عورت ميمبرز کي ترقياتي فنڊ ڏنا وڃن ان حوالي سان فرق نه ڪيو وڃي هن چيو ته هن ايوان جون سموريون عورت ميمبرز ترقياتي فنڊ فراهم نه ٿيڻ تي احتجاجن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪنديون ان سان گڏ ئي انهن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ڊپٽي اسپيڪر وفاقي وزيرن کي هدايت ڪئي ته عورت ميمبرز کي پرچائي واپس ايوان ۾ آڻي ان کان اڳ پوائنٽ آف آرڊر تي صبحه نظير چيو ته 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي حڪومت عورتن جي ڪردار کي قومي ترقي ۾ خاص طور تي واکاڻيو آهي ۽ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. طاهره اورنگزيب چيو ته هن تعليمي ادارن ۾ معذور شاگردن لاءِ ويل چيئرز جي فراهمي لاءِ هڪ بل جمع ڪرايو هو اهو هن وقت تائين ايجنڊا تي ناهي آندو ويو ان جو نوٽيس ورتو وڃي شير اڪبر خان چيو ته بونير ضلعي ۾ اين ايڇ اي جي ڪائي شاهراه نه آهي اسان جو مطالبو آهي ته اسان حڪومت کي ٽيڪس ڏيئي رهيا آهيون آئين تحت ملڪ جي بدحال ضلعن کي ترقي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن مولانا امير زمان چيو ته بلوچستان جي آبادگارن کي ڀاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن نواب يوسف ٽالپر چيو ته نئين ڪڻڪ اچڻ واري آهي سپورٽ پرائيز تي خريداري لاءِ پاسڪو کي متحرڪ ڪيو وڃي هن چيو ته سياست کان مٿانهون ٿي آبادگارن جو تعلق ڪنهن به جماعت سان هجي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو زراعت بهتر ٿيندي ته ملڪ جي معيشت بهتر ٿيندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ صلاح الدين چيو ته ايم ڪيو ايم جي پارليمينٽ ميمبرن جو نائين زيرو تان ضبط ڪيل لائسنس وارو اسلحو واپس ڪيو وڇي اسپيڪر رولنگ ڏني پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر ڊاڪٽر اظهر جدون چيو ته هريپور ڦوارا چوڪ مان ريلوي بڪنگ آفيس ختم ڪئي پئي وڃي ان تي نظرثاني ڪئي وڇي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *