قومي اسيمبلي ماتحت عدليه اسلام آباد بل 2015، ديواني ملازمين بل 2015 ۽ ڪريڊٽ بيورو بل 2015 جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ماتحت عدليه اسلام آباد بل 2015، ديواني ملازمين ترميمي بل 2015 ۽ ڪريڊٽ بيورو بل 2015 جي يڪراءِ سان منظوري ڏيئي ڇڏي اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير قانون ۽ انصاف سينيٽر پرويز رشيد تحريڪ پيش ڪئي ته معدله ماتحت عدليه اسلام آباد 2015 غور هيٺ آندو وڃي ايوان تحريڪ جي منظوري ڏيئي ڇڏي جنهن کان پوءِ اسپيڪر بل جي ايوان ۾ شڪوار منظوري ورتي قانون واري وزير پرويز رشيد تحريڪ پيش ڪئي ته معدله ماتحت عدليه اسلام آباد بل 2015 منظور ڪيو وڦي قومي اسيمبلي جي يڪراءِ سان ان جي منظوري ڏيئي ڇڏي شيخ آفتاب احمد تحريڪ پيش ڪئي ته ديواني ملازم ترميمي بل 2015 غور هيٺ آندو وڃي ايوان تحريڪ جي منظوري ڏيئي ڇڏي جنهن کان پوءِ اسپيڪر ايوان کان بل جي شڪ وار منظوري ورتي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *