
لاهور(م.ڊ) چنبا هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر ايم اين اي چوڌري اشرف جي ڪمري مان مسلم ليگ ن جي ڪارڪن 40 سالا سمعيه جو لاش هٿ اچڻ تي ريس ڪورس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. چوڌري اشرف جو چوڻ آهي سميعه جو تعلق منهنجي تڪ سان آهي، جنهن سان قومي اسيمبلي جي ٻاهران ملاقات ٿي هئي. ڪمري جي بڪنگ جي مون کي خبر ناهي. چنبا هائوس انتظاميه مون کي بنا ڪنهن اطلاع ڏيڻ جي منهنجي نالي ڪمرو بڪ ڪيو آهي. مون ڪڏهن به ڪمرو بڪ ناهي ڪرايو. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تڪ جا ماڻهو ڪمرن جي بڪنگ لاءِ منهنجو نالو استعمال ڪندا هجن. پوليس موجب لاش ڪمري نمبر 26 مان هٿ آيو آهي جيڪو ڪمرو ايم اين اي چوڌري محمد اشرف جي نالي سان بڪ هو. سميعه جي مڙس جو چوڻ آهي ته سميعه کي لڄالٽ بعد قتل ڪيو ويو آهي.