قومي اسيمبلي: جي ايس ٽي ۾ واڌ خلاف اپوزيشن جو احتجاج، واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن پاران پيٽروليم شين تي ٽيڪس ۾ واڌ خلاف حڪومتي جواب نه اچڻ تي ٻـَي ڏينهن به واڪ آئوٽ ڪيو ويو، خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت سان ڪو جهيڙو ناهي، حڪومتي وزير ڪلاڪن جا ڪلاڪ چينلز تي بحث ڪن پيا پر وٽن ايوان ۾ اچڻ جو وقت ناهي، اسان “ گو بابا” گو جا نعرا نٿا لڳائڻ چاهيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم  ڪيو ايم جي وسيم احمد چيو ته اپوزيشن پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي خلاف روز احتجاج ڪري رهي آهي پر ڪو به وزير جواب ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اپوزيشن ليڊر خورشيد چيو ته هنن سوچيو هو ته اچ ڪو وزير پيٽرول معاملي تي بريفنگ ڏيندو پر ٻڌايو ويو آهي ته وزير مصروف آهن. خورشيد شاهه چيو ته وزير ٽـِي وي چينلز تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪن پيا پر وٽن ايوان ۾ اچڻ لاءِ وقت ناهي. اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته سندن حڪومت سان ڪو جهيڙو ناهي ۽ نه ئي هو “ گو بابا” گو جا نعرا لڳائڻ چاهين ٿا. خورشيد شاهه جي خطاب بعد گڏيل اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي، جن ۾پ پ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ قومي وطن پارٽي جا ميمبر شامل هئا. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته مخالف ڌر جي موقف ۾ وزن آهي، هو سڀاڻي پيٽرول مع املي تي ايوان کي بريفنگ ڏيندو. ان کان اڳ پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري ايوان کي لکت ۾ آگاهي ڏني ته 18 هين ترميم کانپوءِ آثار قديم وارو معاملو صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي، قومي ورثو تباهه ٿي چڪو آهي پر صوبا قدم نٿا کڻن، وفاق وٽ ان حوالي سان نه ئي اختيار موجود آهن ۽ ئي ايترا فنڊ آهن جو صوبن کي ڏئي سگهجن . ريلوي واري وزارت لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي لاءِ پرڏيهي قرض نه ملي رهيو آهي، منصوبي کي ڪجهه شرطن تحت سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي ڊسٽرڪٽ حوالي ڪري سگهجي ٿو. ريلوي واري وزارت چيو ته سنڌ حڪومت جي سرڪلر منصوبي بابت ٽيڪنيڪل مدد ئي ڪري سگهجي ٿي. پارلياماني معاملن واري وزير شيخ آفتاب ايوان کي ٻڌايو ته يوٽيوب تي پابندي سپريم ڪورٽ لڳائي آهي، هـُو ختم نٿا ڪري سگهن، پاڪستان سميت  ٻين 8 ملڪن ۾ به يوٽيوب بند ڪيو ويو آهي. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *