قومي اسيمبلي جو اجلاس، معذورن تي تشدد ۽ سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي پاران لاهور ۾ معذورن تي تشدد ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي، متحده جي ميمبر رشيد گوڊيل چيو آهي ته ملڪ ۾ داعش جو وجود ثابت ٿي چڪو آهي، ڇا حڪومت تڏهن آگاهه ڪندي، جڏهن داعش جو قبضو ٿي ويندو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ جماعت اسلامي، لاهور ۾ معذورن تي تشدد خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، جماعت اسلامي جي ميمبر صاحبزاده طارق الله چيو ته لاهور ۾ معذورن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو عمل آهي. پارلياماني سيڪريٽري رجب علي بلوچ چيو ته معذورن تي تشدد ناهي ڪيو ويو، پيهه ٿي هئي، واقعي بعد ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي کي معطل ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿيڻ خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو، آصف حسنين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم تي عمل نه پيو ٿئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت من پسند ماڻهن جون ڀرتيون ٿي رهيون آهن، لياري ڪاليج ۾ به ڪراچي واسين کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. آصف حسنين چيو ته ڪوٽا سسٽم بابت بابر غوري پاران وزيراعظم کي لکيل خط تحت ڪميٽي قائم ٿيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر رشيد گوڊيل چيو ته ملڪ ۾ داعش جو وجود ثابت ٿي چڪو آهي، گذريل ڏينهن لاهور مان گرفتار ڪيل دهشتگرد وٽان داعش جو لٽريچر مليو آهي. رشيد گوڊيل چيو ته ڇا حڪومت داعش بابت تڏهن آگاهه ڪندي، جڏهن ملڪ تي داعش جو قبضو ٿي ويندو. اجلاس ۾ آگاهي ڏيندي ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته تيل اگهن ۾ لاٿ بعد ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گهٽائڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته تيل اگهن جي ڪري روينيو ٽارگيٽ هڪ چيلينج بڻجي ويو آهي پر ڊي سي او ڪم ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *