قومي اسيمبلي اسلام آباد ۾ مڪاني حڪومتن جي ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ بابت ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي اسلام آباد ۾ مڪاني حڪومتن جي ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ بابت ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهيقومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير ۾ فائرنگ واري واقعي تي پ پ ميمبرن سخت احتحاج ڪندي علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. پ پ ميمبرن لٺ جي سرڪار نه هلندي، شيم شيم ۽ قاتل قاتل جا نعرا هڻندي مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ سبب اسپيڪر اياز صادق، شيخ آفتاب ۽ وفاقي وزير پرويز رشيد کي هدايت ڪئي ته مخالف ڌر کي پرچايو وڃي. سڌسما جي وفاقي وزير پرويز رشيد اسپيڪر آڏو مخالف ڌر کي پرچائڻ بابت معذرت ڪندي چيو ته سيد خورشيد شاهه جي لسٽ ۾ هو به شامل آهي، ان ڪري ڪنهن کي پرچائڻ نه ويندو. واڪ آئوٽ کان اڳ خطاب ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪمران تشدد جي رستي تي هلي پيا آهن. هن چيو ته حڪمرانن آزاد ڪشمير ۾ ڀارتي رويو اختيار ڪيو آهي، جيڪڏهن ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن سان انصاف ٿئي ها ته ڪوٽلي وارو واقعو پيش نه اچي ها. سندس چوڻ هو ته حڪمرانن جي سوچ آهي ته عدليا به هاڻ سندن ڪجهه نٿي بگاڙي سگهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هي دور جمهوري نه پر آمراڻو آهي، هنن مفاهمتي پاليسي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها اڳتي نه وڌي سگهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته پي آءِ اي جي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن خلاف ۽ ڪوٽلي ۾ کليل دهشتگردي ڪئي وئي. هن چيو ته احتجاج سندن دور ۾ به ٿيندا هئا، پر انهن خلاف ڪڏهن به طاقت استعمال نه ڪئي وئي، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيندا آهن. سيد خورشيد شاهه چيو ته هنن سوچيو هو ته مارشلا کانپوءِ صورتحال تبديل ٿيندي، پر ائين نه ٿيو، هڪ وزير چيو هو ته احتجاج ڪندڙن جا پر ڪٽيا ويندا. سڌسما جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لاش ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جڏهن ته هن ڪجهه وفاقي وزيرن لاءِ توهين تي ٻڌل جملا به چيا هئا. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد پاران ٽن وفاقي وزيرن کي بدمعاش چوڻ وارو بيان 11 جنوري جي اخبارن ۾ شايع ٿيو. سڌسما واري وفاقي وزير چيو ته اڃا تائين ڪنهن کي ڏوهي قرار نه ڏنو ويو آهي، پر ان باوجود ن ليگ جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پ پ جي ريلي ۾ ن ليگ خلاف چڙ ڏياريندڙ ٻولي استعمال ڪئي وئي. پرويز رشيد چيو ته هو خورشيد شاهه کي منصف مقرر ڪن ٿا، اهو سمورن ثبوتن کي سامهون رکي فيصلو ڪري، قبول ڪيو ويندو. پرويز رشيد چيو ته تقرير کان ترت پوءِ ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي تي اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪيو ويو، اجلاس جي ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي ته زاهد حامد پاران مڪاني حڪومتن ۾ ترميمي آرڊيننس جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ٺهراءُ جي سخت مخالفت ڪئي، پر ان باوجود اسپيڪر ووٽنگ ڪرائي. ٺهراءُ جي حق ۾ 75 ۽ مخالفت ۾ 69 ووٽ پيا جنهن تي اسپيڪر اياز صادق ٺهراءُ جي منظوري جو اعلان ڪيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه بل جي مخالفت ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ غيرقانوني آهي. هن چيو ته پي آءِ اي اڄ به ٺيڪ ٿي سگهي ٿي، ادارن کي خانگايو پيو وڃي، پر قرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم 2012 ۾ پي آءِ اي جي بحالي جو فارمولو ڏنو هو پوءِ ان کي ڇو خانگايو پيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته پي آءِ اي جي پيسي جي استعمال ٿيڻ بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *