قومي اسيمبليءَ جي ڪورم کي ڏسي شرم ايندو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران 342 جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبرن جي موجودگي تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو، اڱاري تي اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود هئا جنهن تي سيد خورشيد شاهه وزيرن جي غير حاضري جي سڃاڻپ ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي کي قورم کي ڏسي شرم اچي رهيو آهي، اپوزيشن ليڊر چيو ته اليڪشن بل 2017 سڀني جو بل آهي، سمورن ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ هجڻ گهرجي ها، ٻڌايو ته ڪهڙو وزير آهي جيڪو هتي ويٺو آهي، جڏهن به ڪنهن وزير ۾ ڪو ڪم پوندو آهي ته هتي نه ملندو آهي، اسان ڪيڏانهن وڃون، هن چيو ته پارليامينٽ جي ڪارروائي سڌي سنئين ڏيکاري پئي وڃي، 22 ڪروڙ عوام کي ڇا ڏيکاري رهيا آهيون، اسيمبلي ۾ روز ايندڙ عظيم ماڻهو آهن جيڪي روز ايندا آهن، جڏهن ته حڪومتي وزير پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آهن پر اسيمبلي ۾ ڪير به نٿو اچي، هن چيو ته حڪومت سنجينده نظر نٿي اچي، اسان غريبن ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪريون ٿا پر ايوان ۾ اهي نٿا اچن، 53 ميمبرن تي ٻڌل ڪابينا جا ميمبر نٿا اچن، اسان رولز کان هٽي ڪري تعاون ڪيون ٿا، اپوزيشن اڃا ڪيترو تعاون ڪري، هتان جو ماحول ٻاهر جي حالتن به اثر انداز ٿيندو، گذريل ڏينهن وزيراعظم ايوان ۾ آيو ته ميمبر ان سان ملندا رهيا جن وزيرن سان ميمبرن جو ڪم هوندو آهي اهي هن ايوان ۾ نٿا اچن، سڄي پارليامينٽ جيڪڏهن هتي ويهي هان ته ڪنهن کي ان ڏانهن ڏسڻ جي جرئت به نه ٿيندي، عوام جيڪو اعتماد ڪيو اسان کي هتي موڪليو آهي اسان کي ان تي پورو لهڻ گهرجي، هن چيو ته هو تنقيد نه ڪري رهيو آهي پر پارليامينٽ جي ميمبرن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، اسپيڪر رولنگ ڏئي ته پوئتي ويٺل سمورن ميمبرن کي اڳيان جي ڪرسين تي ويهاريون، ٻي صورت ۾ اسان واڪ آئوٽ ڪنداسين، اپوزيشن پاران وزيرن جي غير حاضري جي نشاندهي تي اسپيڪر ميمبرن ۽ وزيرن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، خورشيد شاهه پاران نقطن جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته اپوزيشن ليڊر جي آبزرويشن درست آهي، اسان کي پنهنجي ذميواري جو احساس پاڻ کي ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به سياستدان جي زندگي ۾ وزير جي عهدي تي پهچڻ وڏي اهميت وارو آهي، پارليامينٽ جي بالادستي اهڙي طرح ممڪن ٿيندي، جڏهن اسان پارليامينٽ کي اهميت ڏينداسين، شيخ آفتاب چيو ته سوا چار سال گذري ويا آهن، اسان سان گڏ هلڻ جا عادي ٿي وڃو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *