قومي اسيمبلي، حماد اظهر جي تقرير، مخالف ڌر ميمبرن جو گوڙ، فنانس بل نامنظور جا نعرا

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن پاران سخت گوڙ ۽ نامنظور جا نعرا لڳايا ويا جنهن تي حڪومتي ميمبرن جوابي نعرا لڳايا جنهن سان ايوان جو ماحول هڪ دفعو بيهر گرم ٿي ويو قومي اسيمبلي اسپيڪر حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن کي سيٽن تي ويهي نعرا نه هڻڻ لاءِ چوندو رهيو جڏهن ته حماد اظهر احسن اقبال جي تقرير تي وضاحت ڪندي چيو ته الله پاران ڪوڙن تي لعنت هجي جنهن تي مخالف ڌر ميمبرن پاران آمين آمين جا آواز بلند ٿيندا رهيا حماد اظهر جي تقرير دوران شهريار آفريدي ۽ مرتصيٰ جاويد عباسي وچ ۾ منهن ماري ٿي حمايت اظهر جي تقرير کان پوءِ شاهد خاقان عباسي کي وضاحت جي اجازت نه ڏيڻ تي مخالف ڌر ميمبرن سخت احتجاج ڪيو قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس به جمعي تي جاري رهيو جنهن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ايوان ۾ شرڪت ڪئي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ايوان ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اپوزيشن جماعتن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو اجلاس دوران حماد اظهر مالي سال 20-2019 جو فنانس بل پاس ٿيڻ لاءِ پيش ڪيو ته مخالف ڌر ميمبرن پاران نامنظور جا نعرا هنيا ويا نئين مالي سال جي فنانس بل تي بحث شروع ڪندي سيد نويد قمر چيو ته فنانس بل منظور ٿيڻ جو ڏينهن آهي وزيرستان جي ٻن ميمبرن کي هتي هئڻ گهرجي ها هن چيو ته مخالف ڌر جي مطالبي جي باوجود پروڊيڪشن آرڊر جاري ناهن ڪيا ويا ايڏو اهم ڏينهن هجي ۽ ميمبر موجود نه هجن ته اسان سڀني لاءِ شرم جي ڳالهه آهي هن چيو ته ايوان مڪمل ناهي اڄ اهي ٻه موجود نه آهن سڀاڻي ڪوئي ٻيو به ٿي سگهي ٿو هن چيو ته پاڪستان جي مشڪل قرضن جي نه اوهان جي نااهلي ۽ نالائقي آهي جنهن جي ڪري عوام کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي هن چيو ته شاهد خاقان جي تقرير تي حماد اظهر مداخلت ڪئي ته شاهد خاقان عباسي چيو ته مان تنهنجي پيءُ کي سڃاڻيندو هيس هو سٺو ماڻهو هو شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري 1400 ارب رپين کان وڌيڪ قرض صرف 10 مهينن ۾ وڌي ويو جيڪا ان جي نااهلي آهي هن چيو ته هي واڌ ڪل دفاعي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي هي آهي ان حڪومت جي ڪارڪردگي. هن چيو ته هي دنيا جي واحد اسيمبلي آهي جنهن تي سليڪٽڊ لفظ تي پابندي لڳائي ويئي آهي پر اسان ايوان ۾ سليڪٽڊ نٿا چئي سگهون ۽ اسان نه پيا چئون ٻار ٻچو ٻچو چئي رهيو آهي وزيراعطم جي حڪومت سليڪٽڊ آهي شاهده اختر علي چيو ته اسپيڪر لفظ سليڪٽڊ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي اسپيڪر ٻڌائي ته اسان لفظ سليڪٽڊ جي بدران ڪهڙو لفظ سليڪٽ ڪيون منهنجي تربيت اهڙي آهي جو اسان ڪو غيرپاليماني لفظ استعمال نٿا ڪريون نه ئي ڪراس ٽاڪ ڪريون ٿا پر ٻڌايو ته اسان لفظ سليڪٽڊ جي بدران ڪهڙو لفظ استعمال ڪريون هن چيو ته بجيٽ ۾ اوهان عوام کي ڇا ڏنو آهي جو اوهان چئو ٿا ته 8 هزار ارب رپيا گڏ ڪرڻا هئا پر ساڍا 5 هزار ارب وصول ڪنداسين. احسن اقبال خيالن جو اظهار ڪندي چيو جيڪو وزيراعظم پاڻ چوي ته اسان جي معيشت جوڏيوالو نڪري چڪو آهي ته پوءِ ان کي ملڪ کي ڪنهن دشمن جي ضرورت نه آهي هن چيو ته هي منفي گروٿ بجيٽ آهي جيڪا بيروزگاري وڌائيندي مهانگائي وڌائيندي هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعطم آفيس جو خرچ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪيو ويو ٻڌايو ته اوهان بجيٽ ۾ ڪهڙي ڪٽوتي ڪئي آهي. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي بجيٽ ۾ لڪي وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيليڪاپٽر جو ڪروڙين رپيا رکيا ويا آهن هڪ پاسي اسپيشل سيڪريٽريز جي پگهارن ۾ واڌ ۽ غريب سرڪاري ملازمن جي پگهار گهٽائي ويئي آهي اوهان ماڻهن لاءِ گيهه کنڊ تي ٽيڪس لڳائي جيئڻ جو حق کسي رهيا آيو هن چيو ته پرائمري، پري پرائمري ۽ هائر ايجوڪيشن بجيٽ ۾ ڪٽ لڳايو ويو هن چيو ته اسان زرعي ملڪ آهيون پر افسوس هاري لاءِ ڪوئي رليف ناهي ڏنو ويو. احسن اقبال جي تقرير تي حماد اظهر وضاحت ڪندي چيو ته الله جي ڪوڙن تي لعنت هجي جنهن تي مخالف ڌر ميمبرن پاران آمين آمين چيو ويو حماد اظهر چيو ته اسان 10 هزار ارب اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ناهي ورتو جون 2018 ۾ ماضي جي حڪومت جو قرض 31 هزار ارب تائين پهچي ويو آهي هن چيو ته هلندڙ سال موجوده حڪومت 950 ارب ڊالر قرض ادا ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس جي خرچن کي 550 ارب جو ٽيڪس لڳايو آهي هن چيو ته اسان خرچن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي وزيراعظم هائوس جي خرچن کي 98 ڪروڙ مان گهٽائي ان جي بجيٽ ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي هي جنرل جيلاني جو دور نه آهي اپوزيشن اهڙو رويو اختيار نه ڪري حماد اظهر جي تقرير دوران شهريار آفريدي ۽ مرتصيٰ جاويد عباسي وچ ۾ منهن ماري ٿي حماد اظهر جي تقرير کان پوءِ شاهد خاقان عباسي کي وصاحت جي اجازت نه ڏيڻ تي اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪيو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته انهن اوهان جو نالو ناهي ورتو مان غور سان ٻڌي رهيو هيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *