قومي ادارن جو وقار مجروع ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا، سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطن جو فيصلو ڪندي 2 ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن، وزيراعظم نواز شريف، سينيٽرن جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري بدران هٿ مٿي کڻڻ ڪرڻ بابت  آئيني ترميم آڻڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطن جي ڪندي چيو آهي ته سٺو ماحول بڻجي چڪو آهي، عمران خان سميت سڀ اڳتي اچي هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. اسلام آباد  ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريدنگ، پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۽ توانائي بحران سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه سميت چئني صوبن ۾ سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪابينا، سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ بابت آيل خبرن تي  سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، جڏهن ته اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾  2 ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. هڪ ڪميٽي ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد، خواجه سعد رفيق ۽ مملڪتي وزير  انوشا رحمان شامل هوندا، جڏهن ته وفاقي وزير احسن اقبال، خيبرپختونخواهه جو گورنر سردار مهتاب عباسي، بئريسٽر ظفر الله شامل هوندا. ڪميٽيون، سينيٽرن جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري بدران هٿ مٿي کڻي ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي تجويزون پيش ڪندي، جنهن بعد رپورٽ وزيراعظم نواز شريف کي پيش  ڪئي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هـُو 1985 کان سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته قومي ادارن جو وقار مجروع ڪندڙن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو، سياسي پارٽيون اهڙن عنصرن جو پتو لڳائين، جيڪي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ ماحول سٺو بڻجي چڪو آهي، عمران خان سميت سمورين سياسي پارٽين جا اڳواڻ اڳتي اچن ۽ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. اجلاس  ۾ ڪابينا پاران پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي ۽ ڪراچي ۾ ايٽمي پاور پلانٽ لڳائڻ لاءِ چين کان قرض وٺڻ جي به منظوري ڏني وئي.وزيراعظم نواز شريف ايل اين جي تي هلندڙ 360 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجي دور مان ئي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري، چين جي هاڻوڪي دوري بابت پڻ ڪابينا کي بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *