قمبر ويجهو ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت

قمبر (نمائندو) قمبر ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي ٽن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. قمبر-شهدادڪوٽ روڊ تي ڪارڙا وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ بهرام بٺي جا رهواسي ميرحسن ميربحر سندس ڀيڻ فاطمه، چئن ورهين جو بلاول، ٻن ورهين جو آصف ۽ هڪ ورهين جي نينگري ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال  پهچايا، جيڪي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو،جڏهن پوليس گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هوڏانهن حادثي ۾ فوت ٿي ويل هڪ ئي گهر جي 5 ڀاتين جا لاش ڳوٺ پهچائڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *