قلندر جي نگري نه سنڀالي سگهندڙ ملڪ ڇا سنڀاليندا: فردوس عاشق

اسلام آباد /سيوهڻ شريف(رپورٽر/اين اين آءِ) حڪومت پ پ ۽ ن ليگ جي 10 سالن جي اقتدار واري دور ۾ سفر جا خرچ اڳوڻن حڪمرانن کان اڳاڙن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڳوڻا حڪمران پي آءِ اي کي چنگچي وانگر استعمال ڪندا رهيا آهن، وي آءِ پي اڏامن تي هڪ ارب 6 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان ٿيو، گهرڀاتين لاءِ جهاز استعمال ڪيا ويا، لنڊن ۾ ميان صاحب جيترا ڏينهن علاج هيٺ رهيو ان هنڌ کي ڪيمپ آفيس بڻايو ويو، جهاز لنڊن ۾ بيهارڻ سان پي آءِ اي جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، ڀٽو زنده آهي جو نعرو هڻڻ لاءِ پي آءِ اي بي رحمي سان سکر ڊائيوٽ ٿيندي رهي، پي آءِ اي سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو جيڪو ڪرائي تي ورتل سائيڪل سان ناهي ڪيو ويندو، گذريل ڏينهن هڪ سياسي ٽولي ڪاري ڏينهن جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام ان جي منهن تي ڪارنهن ملي ڇڏي، وزيراعظم چاهي ٿو ته اپوزيشن هاڪاري ڪردار ادا ڪري، مخالف ڌر پنهنجي بائونڊري ۾ رهي کيڏي ته سٺو آهي، اليڪشن وڙهڻ لاءِ ٻٽي شهرت ختم ڪرڻ جو جائزو ورتو پيو وڃي، جهانگير ترين ۽ مريم نواز جا ٻه مختلف نوعيت جا ڪيس آهن، پيمرا جا رولز اسان تيار ناهن ڪيا، مخالف ڌر ايندڙ سال 25 جولاءِ تي پنهنجي ڪاري ڏينهن جي ناڪامي جو ڪارو ڏينهن ملهائيندي، مخالف ڌر کي هر پڙ تي هارائينداسين، اپوزيشن جي ڪنهن ريلي يا جلسي کي نه روڪيو ويندو، عوام پاڻ ڏسندو ته انهن جا شو ڪيئن فلاپ ٿين ٿا، جمعي تي اهڙن خيالن جو اظهار فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، هن چيو ته عمران خان اهڙو ليڊر آهي جنهن 22 ڪروڙ عوام جي حوالي سان منفي پروپگنڊا کي ختم ڪيو، عمران خان پاڪستان جي جهنڊي جي عزت ڪرائي، هن چيو ته ڪابينا وزيراعظم کي ڪامياب آمريڪا جي دوري تي مبارڪ ڏني، هن چيو ته گذريل ڏينهن سڄو ڏينهن هڪ ٽولو جيڪو مختلف شهرن ۾ احتجاج جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۾ رڌل جو انهن ماڻهن ڪارو ڏينهن ملهايو پر عوام سندن منهن تي ڪارنهن ملي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين گذريل ڏينهن ڪابينا اجلاس ۾ قومي ايئرلائين جي حوالي سان شرم جوڳا انڪشاف ڪيا، هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پي آءِ کي چنگچي ڪري هلايو، پائيليٽس اڳوڻن حڪمرانن جا ذاتي ڊرائيورن جي حيثيت سان ڪم ڪندا رهيا، 21 ڀيرا پي آءِ اي جي روٽس کي تبديل ڪيو ويو، گذريل ڏينهن سياسي اداڪار عوام جي ڏک ۽ سور جو ڊرامو ڪندا رهيا، 27 ڪروڙ رپين جي شڪل ۾ قوم ڏهي پيڙا کائڻ جو بل ادا ڪيو، پي آءِ اي ۾ 503 ماڻهن جون سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون ويون، پي آءِ اي جون 33 آفيسون پي آءِ اي يونين جي قبضي ۾ هيون، هن چيو ته يونين جا عهديدار پنهنجن ماڻهن کي مخصوص فائدا حاصل ڪري مختلف روٽس تي موڪليندا رهيا، ڪنهن ٻئي مقصد جي سهولت لاءِ مختلف ملڪن ۾ پي آءِ اي کي بند ڪيو ويو، هن چيو ته ڀٽو کي زنده رکڻ لاءِ پي آءِ اي جي روٽس کي سکر ايئرپورٽ تي لاٿو ويو، 2012 کان 2017 تائين پي آءِ اي جون 50 وي آءِ پي اڏامون هلايون ويون، پي آءِ اي هڪ ارب 6 ڪروڙ جو وي آءِ پي فلائيٽس جي ڪري ٿو، 2012 کان 2017 تائين پي آءِ اي جون وي آءِ پي اڏامون ناني امان، سندن ٻارن ۽ نوڪرياڻين کي کڻي اچڻ وڃڻ سان 954 ملين جو نقصان ٿيو، زل سبحاني کي دل جي تڪليف ٿيڻ سبب ٻارنهين ملڪ کڻي وڃڻ لاءِ سڄو جهاز ڀرجي ٻاهر ويو، علاج کاناسواءِ 28 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ پي آءِ اي کي ڏنڊ ادا ڪرڻو پيو، هن چيو ته هن قوم جا ٻارڙا هن غريب خاندان جي بيماري جو بل ادا ڪندا رهيا جنهن جا پنهنجا ٻار ڪروڙن جي گهر ۾ رهن ٿا، وزيراعظم عمران خان جي هدايت جي روشني ۾ نئون پي آءِ اي چيئرمين مقرر ٿيو، هن چيو ته 2 مهينن اندر پي آءِ اي کي 46 ملين رپيا ڪمائي ٿي، بورڊنگ پاس جو طريقو ٺيڪ ڪري 7 سيڪڙو پي آءِ اي جي ڪمائي ۾ واڌ ٿي آهي، هن چيو ته سادگي مهم تحت آپريشن سسٽم ۾ پي آءِ اي جي خرچن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، پي آءِ اي زل صبحاني جي وڃڻ کانپوءِ پيرن تي بيهڻ جو سفر شروع ڪيو آهي، هن چيو ته اميد آهي ته هلندڙ سال پي آءِ اي پنهنجي خساري کي گهٽائي نفعو ڏيندو، هن چيو ته يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف يا ڏهي پيڙڻ واري سرڪار سمورن جا ٻاهرين ملڪن ۾ سفر ڪرڻ جا خرچ ڏٺا ويا، هن چيو ته وزيراعظم اهو فيصلو ڪيو ته جيڪو علاج يا غير ضروري دورن تي خرچ ٿيو اهو واپس ورتو ويندو. هن چيو ته عمران خان جي نواز شريف سان ڪا ذاتي دشمني نه آهي، مخالف ڌر ايندڙ سال 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ناڪام ٿيڻ تي ناڪامي جو ڪارو ڏينهن ملهائيندي، هن چيو ته مخالف ڌر کان وزيراعظم جي عالمي سطح تي عزت برداشت نه پئي ٿئي.

ٻئي طرف  وزيراعظم جي معاون خاص براء اطلاعات فردوس عاشق اعوان جي سيوھڻ شريف آمد,حضرت لعل شھباز قلندر جي مزار جي حاضري,وزير اعلي سنڌ جي تڪ لعل جي ننگري جي حالت زار ڏسي انتھائي ڏک ٿيو,ميڊيا جي وفد سان ڳالھيون, خبر موجب:-وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي معاون خاص براء اطلاعات فردوس عاشق اعوان جمع واري رات دير سان سيوھڻ شريف پھتي ته پي ٽي آئي ضلع ڄامشورو جي اڳواڻ سردار حاڪم خان نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ سوين پي ٽي آئي ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو, بعد ۾ صوبائي صدر عليم عادل شيخ سان گڏجي درگاھ حضرت لعل شھباز قلندر جي مزار تي حاضري ڏي ۽ گلن جي چادر چاڙھي فاتح خواني ڪئي ۽ پنھنجي جماعت جي حڪومت جي ڪاميابي ملڪ و قوم جي خوشحالي لاء خاص دعائون گھريون, ان دوران وفاقي معاون خاص فردوس عاشق اعوان ڌمال ڪوٽ ۾ ميڊيا جي وفد سان گفتگوء ۾ چيو آھي ته ھوء لعل شھباز قلندر جي خاص عقيدتمند آھي ان عقيدي سان سيوھڻ شريف پھچي پنھنجي مُرشد جي درٻار تي حاضري ڏني آھي ھن سنڌ جي وڏي وزير جي تڪ تعلقه ھيڊ ڪوارٽر ۽ لعل جي ننگري سيوھڻ شريف جي حالت زار بابت چيو ته قلندر لعل شھباز جي ننگري سيوھڻ شريف جا ٽٽل ڦٽل رستا ۽ شھر اندر گندگيء جا ڍير ڏسندي کيس ڏاڍو ڏک پھتو آھي ان مان صاف ظاھر آھي ته سيد مراد علي شاھ کي صرف سنڌ جو وڏو وزير زرداري جي وڪالت ۽ خوش آمد ڪرڻ لاء رکيو آھي ڇو ته سندس تڪ سيوھڻ شريف جو جيڪو حال آھي ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته باقي سنڌ جو ڇا حال ھوندو, وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي دوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ فردوس عاشق ايوان چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون وزير اعظم عمران خان آھي جنھن جو آمريڪا پھچڻ تي شاندار استقبال ٿيو آھي ان استقبال ۾ نه رڳي پاڪستاني ڪميونٽي شامل ھئي ان سان گڏ گڏ گورا ڪميونٽي جو پڻ  وڏو تعداد شامل ھُيو,ھن چيو ته عمران خان واحد عالمي ليڊر طور مڃتا ماڻي آھي جيڪو ملڪ جي سڃاڻپ واري جنگ پيو وڙھي, ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته حضرت قلندر لعل شھباز دلين ۾ وسي ٿو ان جي حاضري ڏيئڻ لاء نون ليگ,يا ڪنھن ٻي ليگ کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناھي ھن چيو ته عمران خان سمجھي ٿو ته درگاھون ۽ برصغير ۾ اسلام جي واڌ ويجھ وارن بزرگن جي مزارن تان فيض حاصل ڪري سگھجي ٿو فردوس عاشق اعوان وڌيڪ پڇيل سوالن جي جواب ۾ چيو آھي ته مخالف سينيٽرن چيئرمين سينيٽ جي تبديلي وارو سياسي دنگل شروع ڪري جيڪو محاذ اڀو ڪيو آھي جنھن ۾ کين شڪست ملندي,آخر ۾ معاون خاص فردوس عاشق اعوان مزار تي,موجود مسڪين ماڻھن ۾ ڪپڙو روڪ رقم پڻ تقسيم ڪئي ان کان اڳ تاريخي قلعي تي پنھنجي جماعت جي حڪومت جي ھڪ سال پورو ٿيئڻ تي پھرين سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽي ڪارڪنن ۾ تقسيم ڪيو ۽ ڪراچي لاء روانا ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *