قلات ۾ فورسز جو آپريشن، 15 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ

ڪوئيٽا(م.ڊ) بلوچستان جي علائقي قلات ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن ۾ پندرهن دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته قلات ۾ جوهان واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران دهشتگردن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. آپريشن دوران فورسز دهشتگردن جي ٻن ٺڪاڻن کي به تباهه ڪري ڇڏيو. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ آيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *