قطر جي شهزادي جي خط ۾ استعمال ٿيل زبان عرب ملڪن ۾ استعمال ناهي ٿيندي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ)  پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته قطر جي شهزادي جي خط ۾ جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي اها عرب ملڪن ۾ استعمال ناهي ٿيندي، ٿي سگھي ٿو ته خط تي صحيح شهزاد جي هجي پر خط جو متن ۽ لفظ ان جا نه هجن، ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ ان جي ٻارن ان ڳالهه جو پهريان ذڪر ڇو نه ڪيو؟ اخباري خبرون، گھڙيل پَڪن ثبوتن طور اڳ به پيش ڪيا ويا آهن، اخباري ڪٽنگن تي سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا پاڻ مرادا نوٺيس وٺي چُڪي آهي، عدالت اهڙن نوٽيسن تي فيصلا به ڪري چُڪي آهي، اسان پهريان ئي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ نه پي چاهيو، اسان جي سپريم ڪورٽ نه وڃڻ جا ڪيترائي سبب هئا، اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته عدالت يوسف رضا گيلاني، پرويز اشرف جي ڪيسن واري طور اپنائي ته نواز شريف ڪنهن به صورت ۾ بچي نه سگھندو. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو بائيڪاٽ سمجهه کان ٻاهر آهي سياستدان مودي سان ته ملي سگهن ٿا پر ترڪ صدر سان ڇو نٿا ملي سگهن ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته ويٺي ويٺي قطر مان به ليٽر اچي ويو جنهن جو ڪٿي به ذڪر نه هو اهو ليٽر آ بيل مجهي مار جي برابر آهي ان خط شڪ ۽ شبهن کي جنم ڏنو آهي احتساب الرحمان قطر منتقل ٿي ويو آهي اهو ليٽر انهيءَ جو ڪارنامو آهي هن چيو ته وزيراعظم قوم ۽ پارليامينٽ جي خطاب ۾ انهيءِ ڪاغذن جو ذڪر ڇو نه ڪيو جيڪڏهن اهو معاملو پارليامينٽ ۾ هجي ها ته قطر جي شهزادي جو خط هڪ ثبوت هجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *