قطر جو امير شيخ تميم بن حماد الثاني 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، وزير اعظم پاران شاندار آجيان

اسلام آباد (بيورو) قطر جي امير شيخ تميم بن حمادالثاني 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويا وزيراعظم نواز شريف نور خان ايئربيس تي قطر جي امير شيخ تميم بن حماد جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف، پرويز رشيد، خرم دستگير، شاهد خاقان عباسي ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز به موجود هئا، ان کي 21 توپن جي سلامي ۽ گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو، قطر جي حڪمران جي طور تي شيخ تميم بن حماد الثاني جو اهو پاڪستان جو پهريون دورو آهي قطر جي امير جي وفد ۾ وزير، قطر ايئرويز جو چيئرمين ۽ ٻيون سينيئر اختياريون به شامل آهن، ان موقعي تي قطر جي امير ۽ پاڪستاني قيادت گڏيل، علائقائي ۽ عالمي معاملن کان علاوه افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ مفاهمتي عمل تي به ڳالهيون ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *